Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق: ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي: قيادت
اسلام آباد:وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو. لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي اڳرائي کانپوءِ پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف وچ ۾ ٽيليفون ذريعي رابطو ٿيو. رابطي دوران لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آرمي چيف وزير اعظم کي ڀارتي فورسز پاران ايل اوسي جي ڀڃڪڙي بابت بريفنگ پڻ ڏني. ان موقعي تي وزير اعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڀارت ايل او سي تي ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. آرمي چيف، وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڀارت جي سرجيڪل اسٽرائيڪ واري دعوى بي بنياد آهي، جڏهن ته بنا جواز فائرنگ تي پاڪ فوج ڀارتي فورسز کي ڀرپور موٽ ڏني آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪي سلامتي لاءِ پاڪ فوج مڪمل طور تيار آهي. ذريعن موجب رابطي دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي. جڏهن ته صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت سازشن ذريعي ڪشمير معاملي تان دنيا جو ڌيان نٿو هٽائي سگهي، ڪشمير جي آزادي اڻٽر آهي. ايوان صدر اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ ممنون حسين چيو ته پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جنگي ماحول پيدا ڪري خطي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، پاڪ فوج دشمن کي منهن توڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر ممنون حسين چيو ته ڀارت سازشن ذريعي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن تان دنيا جو ڌيان نٿو هٽائي سگهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي، ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فوج ۽ عوام متحد آهي
سرموڙ خبر
اهم خبرون 
اڳتي پڙهو
ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 6 شهري زخمي
اسلام آباد : ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ 6 شهري زخمي ٿي پيا ، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ايل او سي تي ڀمڀر، ڪيل ۽ ليپا سيڪٽرز جي علائقن ۾ بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. ڀارتي فوج طرفان ڀونچ بٽل ۽ دوڌنيا سيڪٽرز ۾ به بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه شهري زخمي ٿي پيا ان کانسواءِ ڀارتي فوج ناطر لچيال جي سول آباديءَ کي به نشانو بڻايو. ڀارتي فوج پاران ليپا ماٿري ۾ منڊا ڪنڊي، نيلم ماٿري جي جهپ سيڪٽر ۽ وٽالا وارن هنڌن تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب نيلم ماٿري ۾ وڏي انگ ۾ سياح ڦاٿل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج طرفان ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ به ڀارت لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيترين ئي پاڪستانين کي شهيد ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائي چـُڪو آهي، آءِ ايس پي آر، لائين آف ڪنٽرول وٽ آزاد ڪشمير ۾ سرجيل اسٽرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪا سرجيڪل اسٽرائيڪ ناهي ڪئي وئي، پر ڀارتي فوج ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن جو پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت جي بنا جواز فائرنگ کي سرجيل اسٽرائيڪ قرار ڏيڻ سچائي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ آهي، ڀارت طرفان شڪي ڏوهارين جي لانچ پيڊ جو ذڪر به ڪوڙ تي ٻڌل آهي، پاڪستاني سرزمين تي سرجيل اسٽرائيڪ ڪئي وئي ته سخت جواب ڏنو ويندو
ڀارت جي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه پاران لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ
نئين دهلي :ڀارت جي ڊي جـِي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه، لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ ڪئي آهي، پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو. ڀارت جي ڊي جـِي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه، نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تي پاڪستان تي روايتي الزام تراشي جو مظاهرو ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته گذريل رات کين اطلاع مليو ته لائين آف ڪنٽرول تي آزاد ڪشمير طرفان ڪجهه تخريبڪارن ڄمون ڪشمير ۾ داخل ٿي ڀارتي فوج تي حملو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو جنهن تي ڀارتي فوج سرجيل اسٽرائيڪ ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه دعويٰ ڪئي ته ڀارتي فورسز جي آپريشن ۾ ڪجهه ماڻهو ماريا ويا آهن جنهن ۾ در اندازي ڪندڙ ۽ انهن جا سهولتڪار به شامل آهن. ڀارت جي ڊي جي ايم او جو چوڻ هوته هن سڄي صورتحال کان پنهنجي پاڪستاني هم منصب کي آگاهه ڪيو ۽ ان کي ٻڌايو ته مستقبل ۾ ڀارت جو اهڙي قسم جو آپريشن جاري رکڻ جو ارادو ناهي پر ڀارتي فوج جي سرحدي صورتحال تي نظر آهي
آمريڪا جو عالمي شهرت ماڻيندڙ باڪسر محمد علي ڪلي سدائين لاءِ وڇڙي ويو
واشنگٽن( م ڊ ) آمريڪا جو عالمي شهرت ماڻيندڙ باڪسر محمد علي ڪلي مختصر عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ سدائين لاءِ وڇڙي ويو، آمريڪي ميڊيا مطابق 74 ورهين جو محمد علي علي ڪلي ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪي شهر فونيڪس جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، کيس ساهه جي تڪليف هئي، محمد علي ڪلي آمريڪي رياست ڪنٽڪي جي شهر لوس ويل ۾ 1942ع ۾ هڪ عيسائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ ڪيلسينس مارسيلس ڪلي سينيئر جي نالي تي ڪيلسينس مارسيلس  جونيئر سڏرايو، محمد علي کي ان وقت شهرت ملي، جڏهن هن 1960ع ۾ روم ۾ ٿيل اولمپڪ مقابلن ۾ سوني جو ٻلو کٽيو پر جڏهن هو پنهنجي شهر واپس موٽيو ته کيس ڪاري نسل جو هجڻ ڪري نوڪري نه ملي سگهي، جنهن کان مايوس ٿي هن پنهنجو ٻلو درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، پاڻ سان پيش آيل ان روئي کانپوءِ به باڪسنگ رنگ ۾ سندس ڪاميابين جو سلسلو جاري رهيو، ويٽنام جنگ دوران محمد علي ڪلي آمريڪي فوج ۾ شامل هجڻ جي عهدنامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ان اعزاز کان محروم ڪيو ويو ۽ 5 سال سزا ٻڌائي وئي پر عوامي احتجاج سبب کيس سزا کان آجو ڪيو ويو، 1974ع ۾ محمد علي جارج فورمين کي هارائي هڪ ڀيرو وري پنهنجو وڃايل مقام ۽ شهرت ماڻي، ان وقت سندس عمر رڳو 32 سال هئي ۽ هو عالمي چيمپييئن جو اعزاز ماڻيندڙ ٻيو باڪسر هو، 1975ع ۾ هن اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد علي رکيو، 1978ع ۾ محمد علي کي ان وقت وڌو نقصان رسيو،جڏهن هو پاڻ کان 12 سال گهٽ عمر واري ليون اسپنڪس کان هارائي ويو پر 8 مهينن کانپوءِ محمد علي وري اسپنڪس کي هارائي پنهنجو وڃايل اعزاز ٻيهر حاصل ڪيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن رانديگر ٽيون ڀيرو اهو عالمي اعزاز ماڻيو، ان مهل سندس عمر رڳو 36 سال هئي، 1980ع محمد علي جي صحت بابت خطرا پيدا ٿيڻ کان شروع ٿيا ۽ ڊاڪٽرن کيس ”پارڪنسنس سنڊروم“ جو مرض ٻڌايو، باڪسنگ کان پاسيرو ٿيڻ وقت محمد علي ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ شهرت رکندڙ شخص هو، سڄي دنيا جا مسلمان ۽ ڪاري نسل جا ماڻهو اڄ به محمد علي جو احترام ڪن ٿا، محمد علي پنهنجي 20 سالن جي باڪسنگ ڪيريئر ۾ 56 مقابلا کٽيا ۽ 37 ناڪ آئوٽ اسڪور ڪيا.
شوبز 
راندين
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
اخبار 
HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
ماڊل ايان علي جي پاسپورٽ جي واپسي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو
اسلام آباد(م ڊ)ڊالر گرل طور مشهور ٿي ويل ناليواري ماڊل ايان علي جا سور ختم ناهن ٿيا ۽ ڪسٽم اختيارين سندس پاسپورٽ جي واپسي واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ِ درخواست تيار ڪئي وئي آهي،جيڪا  سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي دوران داخل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن مطابق ايان علي کي سندس وڪيلن ٻڌايو آهي ته سندس حق ۾ آيل هائيڪورٽ جي فيصلي کي ڪسٽم اختيارين چيلينج ڪرڻ جون تياريون پوريون ڪري ورتيون آهن ۽ ايندڙ هفتي ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي، اهڙي ڄاڻ تي ايان علي پنهنجي وڪيلن کي جوابي بچاءَ لاءِ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ڪيس کي ڀرپور نموني منهن ڏئي سگهجي.
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
Email:
ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳائي رکيو آهي: باجوه
راولپنڊي: لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت کان پوءِ ڊي جي ايم اوز جي هاٽ لائين تي ٿيل گفتگو دوران هڪ ٻيو ڀارتي ڪوڙ پڪڙيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سيلم باجوه ٻڌايو ته گذريل رات لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جارحيت کان پوءِ پاڪ ڀارت وچ ۾ ڊي جي ايم او جي هاٽ لائين تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ڀارتي ڊي جي ايم او الزام لڳايو ته لائن آف ڪنٽرول تي مشڪوڪ حرڪت ڏٺي وئي آهي جنهن تي ڀارتي فورسز ڪارروائي ڪئي. عاصمباجوه ٻڌايو ته جڏهن گرائونڊ تي صورتحال ڏٺي وئي ته اتي ڪنهن به حرڪت جو ثبوت ناهي مليو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳايو رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاران ايل او سي جي تي مورچا ۽ گرائونڊ سينسر لڳل آهن، ڇا سخت سيڪيورٽي جي باوجود مداخلت جو الزام ڀارتي سسٽم جي ناڪامي آهي.
ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط حوالي
اسلام آباد : پاڪستان ۾ مقرر ڀارت جي هاءِ ڪمشنر کي لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ۽ فائرنگ تي پاڪستان پاران سخت احتجاج ڪندي هڪ خط حوالي ڪيو ويو آهي، گذريل رات دير سان لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بناسبب فائرنگ جي ڪري پاڪستان جا ٻه فوجي جوان شهيد ٿيا آهن، ڀارت جي پاڪستان ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر گوتم بمبا والا کي پرڏيهي پاران ڏنل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان ناڪاري پروپئگنڊا کان پوءِ هاڻي فوجي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي ڀارت ڌمڪين واريون فونون اچي رهيون آهن، ڀارت طرفان اهڙا قدم خطي ۾ امن کي متاثر ڪري رهيا آهن، ذريعن جو چوڻ هو ته خط ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال سارڪ ڪانفرنس به ڀارت جي ڪري رد ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت جا بيان حوصلي وارا ناهن. پرڏيهي آفيس پاران ڀارتي هاءِ ڪمشنر گوتم بمباوالا کي ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جا ثبوت به ڏنا ويا.
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، سن ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 8 زخمي
سيوهڻ: سن ويجهو اداڪار اسد قريشي جي گاڏي ڪلٽي، ڌيءَ فوت، پاڻ ۽ زال زخمي
سکر ويجهو پنجن گهرن کي باهه، 6 ورهين جو ٻارڙو سڙي فوت، ناري ويجهو هفتو اڳ سڙي زخمي ٿيل عورت فوت
اسيمبلي شرجيل ميمڻ ۽ اويس مظفر جون موڪلن واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون
بلديا ٽائون سانحي ڪيس ۾ متحده اڳواڻ حماد صديقي ۽ رحمان عرف ڀولا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري 
اڳتي پڙهو
وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق: ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي: قيادت***ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 6 شهري زخمي***ڀارت جي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه پاران لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ***ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳائي رکيو آهي: باجوه***ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط حوالي***پاڪستان سان ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو،آمريڪا اعليٰ سطح تي ڀارت کي نياپو پڄائي ڇڏيو ***وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق: ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي: قيادت***ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 6 شهري زخمي***ڀارت جي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه پاران لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ***ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳائي رکيو آهي: باجوه***ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط حوالي***پاڪستان سان ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو،آمريڪا اعليٰ سطح تي ڀارت کي نياپو پڄائي ڇڏيو *** وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق: ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي: قيادت***ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 6 شهري زخمي***ڀارت جي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه پاران لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ***ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳائي رکيو آهي: باجوه***ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط حوالي***پاڪستان سان ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو،آمريڪا اعليٰ سطح تي ڀارت کي نياپو پڄائي ڇڏيو ***وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق: ملڪ جي حفاظت لاءِ سڄي متحده آهي: قيادت***ايل او سي تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 6 شهري زخمي***ڀارت جي ڊي جي ايم او ليفٽيننٽ جنرل رنبير سنگهه پاران لائين آف ڪنٽرول تي سرجيل اسٽرائيڪ جي دعويٰ***ڀارت ايل او سي مداخلت روڪڻ جي لاءِ زبردست نظام لڳائي رکيو آهي: باجوه***ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط حوالي***پاڪستان سان ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو،آمريڪا اعليٰ سطح تي ڀارت کي نياپو پڄائي ڇڏيو 
اڄ جي اخبار
سنڌخبرون