Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
شاهه لطيف ۽ غمِ حسين…
خورشيد ٻگهيو
ماهه محرم جا ڏهاڙا ويجها ايندي ئي هر درد دل رکندڙ انسان جي دل سوگوار ٿي ويندي آهي. ۽ دل ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه  السلام ۽ سندس وفادار ساٿين جي پردرد شهادت جي داستان کي ياد ڪندي اکين کي اشڪبار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. سرڪار لطيف به محرم جي چنڊ کي ڏسي ڏکارو ٿي وڃي ٿو ۽ حسرت وچان آهه نڪري وڃيس ٿي.
 محرم موٽي آئيو، آيا تان نه امام،
مديني جا ڄام مولا مونکي ميڙيين.
 امام حسين عليه السلام جڏهن هميشه لاءِ پنهنجي ناني جو مدينو ڇڏي، سفر اختيار ڪري ٿو. تڏهن  ڀٽ ڌڻي انهيءَڏک ڀرئي منظر کي هينئن بيان فرمائي ٿو.
 مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
آن تنِين لَهءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا.
 امام حسين جو قافلو جڏهن فرات جي ڪناري مناريه جي ميدان تي پهچي ٿو، تڏهن گهوڙي اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، امام حسين پڇيو ته هن زمين کي ڇا چوندا آهن؟ ماڻهن ٻڌايو ڪربلا!!! امام فرمايو هي ڪرب و بلا جي زمين آهي، هي اهو ئي مقام آهي جتي نبين جي ڪيل واعدن کي وفا ٿيڻو آهي،  هتي ئي قضاءِ الاهي کي ڳلي لڳائڻو آهي.
 ڪربلا جي پڙ ۾، خيمه کوڙيائون،
جَهيڙو يزيد سامُهون، جُنبي جوڙيائون،
منهن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترارَ جو.
 2 محرم الحرام تي حر هڪ وڏي لشڪر سان ڪربلا جي ميدان ۾ پهچي ٿو، هن  امام حسين عليه السلام جي قافلي کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو ۽ ڪاروانِ حسيني جا خيما درياءِ فرات کان ڪافي پري کوڙڻ تي مجبور ڪيو. ۽ جنهن کان بعد لشڪرن مٿان لشڪر ڪرب و بلا جي ميدان تي جنت جي سردار جو گهيراءُ ڪري وٺن ٿا. عمر بن سعد کي ابن زياد خط لکي چئي ٿو ته حسين تي بيعت جي سختي ڪر، جيڪڏهن نه مڃين ته سندن پاڻي بند ڪر.
 ڪُوفِي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين،
اتي عليءَ(ع) شاهه کي، شهزاده سارين،
نِڪريو نهارين، چڙهه مير محمد عربي.
 ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم جي رات امام عالي مقام پنهنجي خيمي ۾ صحابه کي اجازت ڏين ٿا ته توهان مان جيڪو وڃڻ چاهي ٿو تنهن کي منهنجي طرفان اجازت آهي، يزيد جو جهيڙو حسين سان آهي، توهان وڃڻ چاهيو ته آزاد آهيو، امام جن فرمائن ٿا آئون ڏيئو اجهايان ٿو جيڪو وڃڻ چاهي هليو وڃي، پر امام حسين جا جانثار ته دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ سر گهورڻ لاءِ آيا آهن سي ڪيئن امام کي اڪيلو ڪري وڃن ها!
آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.
 هيڏانهن 10 محرم جو سج اڀريو هوڏانهن حُر جو ضمير جاڳي اٿي ٿو، هو  سوچي ٿو ته اي حُر ڪنهن سان وڙهي رهيو آهين؟ ڇا هي انهيءَ رسول الله جو پٽ نه آهي جنهن تي تون درود پڙهندو آهين؟ ڇا سندس رڳن ۾ علي ۽ فاطمه جو خون نه آهي!؟ جنهن فاطمه لاءِ رسول خدا فرمايو هو ته ”فاطمه منهنجي جگر جو ٽڪڙو آهي.“ حر ڪربلا جي ميدان ۾ امام جي قافلي کي روڪڻ واري پنهنجي عمل تي ندامت محسوس ڪندي بارگاهه امام عالي مقام ۾ هلي اچي ٿو ۽ سر سيد مٿان گهوري ڇڏي ٿو.
 حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛
“آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.”
 ڏهين محرم جو سج اڀريو ، هڪ طرف امام عالي مقام ۽ سندن مختصر سپاهه هئي ته ٻئي پاسي لکن جا لشڪر رسول خدا جي فرند جي خون جا پياسا ٿي ڏٺا، امام حسين جي سپاهه جا جوڌا لکن جي لشڪر جي سامهون سينو سهائي سامهون ٿيا، ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ سچ تان سر صدقو ڪيائون.
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
 ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛
گھوٽَنِ ۽ گھوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
 ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين دينِ خدا جي بقاءَ لاءِ ڪجهه به  مِٺو نه ڪيو، هن پنهنجي پيارن، دادلن ۽ دوستن جون قربانيون ڏئي حق ۽ سچ جو ڳاٽ قيامت تائين اوچو ڪري ڇڏيو.
 دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.
 10 محرم 61هجري تي عاشور جي ڏينهن جڏهن امام حسين عليه  السلام پنهنجي سڀني پيارن جي قرباني پيش ڪري چڪو تڏهن پاڻ مصري قباءَ پهري پنهنجي ناني محمدِ صلعم جي دستار، چيلهه سان علي (ع) جي ذوالفقار ۽ ڪلهي تي حضرت حمزه واري ڍال ڍاري ذوالجناح تي چڙهي رڻ جو رخ ڪيو.
 گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زِين ڌري،
علي شير پٽن کي اڀو سڏ ڪري
قضا ڪيئن ٽري جيئن امر الاهي آئيو.
 هڪ طرف بهادرن جو ٽوليون وڏي شوق مان جهومنديون جنگ جي ميدان تي اچي رهيو آهن، تي ٻئي پاسي شهيدن جون زالون افسوس مان مٽيءَ جا ٻُڪ پاڻ تي وسائي رهيون آهن ۽ زور زور سان ريهون ڪري رهيو آهن. هو پِٽين ٿيون پار ڪڍن ٿيون جنگ جي ميدان ۾ روڄ ۽ راڙو آهي.
 جهمنديون اچن جهوليون، جهونجهارن جون،
پايو ٻڪ ٻهار جا، ان جو وهون واڪا ڪن،
پٽين پار ڪڍن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.
 ڀٽ ڌڻي جڏهن امام حسين عليه السلام کي ڪربلا جي ميدان ڏانهن تنها ويندي  ڏسي ٿو ته پاڻ ڏکارو ٿي وڃي ٿو. ۽ ڀٽائي  يزيد کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو.
حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛
ساڙيھه شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛
يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟
 ڪربلا برپا ٿي چڪي، حرم اهلبيت  اسير بڻجي چڪا سجاد رت روئڻ شروع ڪيو ته عالمين ۾ ماتم برپا ٿي ويو، زمين رني ملڪ مصروف آهه و بُڪا آسمان تا قيامت سرخ ٿي ماتم حسين ڪندو رهندو.
حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!
 ڀٽ ڌڻي ڪربلا جي پردرد شهادتن کان بعد غم حسين جو لباس اوڍي ڪربلا جي بي ڪفن شهيد جي سوءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺي ٿو.
 ڪارا ڪنديس ڪپڙا، سرتيون ڪنديس سوءَ
راز جنهين سين روح، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو
 يا وري پاڻ فرمائي ٿو.
ڪارا ڪنديس ڪپڙا، آئون کِلان نه ٽِلان،
لَڪن ۾ لطيف چئي، جانب لاءِ جلان،
سرتيون سور سلان، جيئري جيءُ جلي ويو.
 ڀٽ جو شاهه انهن بي وطن شهيدن تي روئڻ کي پنهنجي راند بنائي ڇڏي ٿو جن جي جنازن تي ڀينر به روئي نه سگهيون هيو.
 روئان تان راند، کِلان تان کاميهيون،
اکڙين ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
  ڀٽائي جي نظر ڪربلا کا معمولي ڳالهه نه آهي، اهو ته انسانيت لاءِ فخر جو مقام آهي، اِها ئي  ته اُها جاءِ آهي جتي رت تلوار تي فتح ماڻي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪري ٿو،
قضيو ڪربلا جو نسورو ئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو.
HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
اخبار 
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڀ کان وڏي منافقت آهي،  ڀارت، پاڪستان خلاف بهتان بازي بند ڪري: ڊاڪٽر مليحه لوڌي ***سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 52 سيٽن مان  پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا 18 سينيٽر ايندڙ سال رٽائر ٿيندا***نواز شريف اڄ ڏيهه پهچندو،  احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو***گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ لفظي جنگ عروج تي پهچي وئي***ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق***نواز شريف کي خبر آهي ته ساڻس جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو احتساب ناهي: مريم نواز***عمران خان جي هر خواهش کي پورو نٿو ڪري سگهجي: قمر زمان ڪائره***ميزائيل تجربي بعد ايران ۽ عالمي طاقتن ۾ معاهدو ختم ٿي چڪو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ***وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي: عمران خان***هر قيمت تي مادر وطن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي: آرمي چيف*** دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڀ کان وڏي منافقت آهي،  ڀارت، پاڪستان خلاف بهتان بازي بند ڪري: ڊاڪٽر مليحه لوڌي ***سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 52 سيٽن مان  پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا 18 سينيٽر ايندڙ سال رٽائر ٿيندا***نواز شريف اڄ ڏيهه پهچندو،  احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو***گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ لفظي جنگ عروج تي پهچي وئي***ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق***نواز شريف کي خبر آهي ته ساڻس جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو احتساب ناهي: مريم نواز***عمران خان جي هر خواهش کي پورو نٿو ڪري سگهجي: قمر زمان ڪائره***ميزائيل تجربي بعد ايران ۽ عالمي طاقتن ۾ معاهدو ختم ٿي چڪو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ***وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي: عمران خان***هر قيمت تي مادر وطن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي: آرمي چيف*** دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڀ کان وڏي منافقت آهي،  ڀارت، پاڪستان خلاف بهتان بازي بند ڪري: ڊاڪٽر مليحه لوڌي ***سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 52 سيٽن مان  پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا 18 سينيٽر ايندڙ سال رٽائر ٿيندا***نواز شريف اڄ ڏيهه پهچندو،  احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو***گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ لفظي جنگ عروج تي پهچي وئي***ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق***نواز شريف کي خبر آهي ته ساڻس جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو احتساب ناهي: مريم نواز***عمران خان جي هر خواهش کي پورو نٿو ڪري سگهجي: قمر زمان ڪائره***ميزائيل تجربي بعد ايران ۽ عالمي طاقتن ۾ معاهدو ختم ٿي چڪو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ***وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي: عمران خان***هر قيمت تي مادر وطن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي: آرمي چيف*** دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت سڀ کان وڏي منافقت آهي،  ڀارت، پاڪستان خلاف بهتان بازي بند ڪري: ڊاڪٽر مليحه لوڌي ***سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 52 سيٽن مان  پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جا 18 سينيٽر ايندڙ سال رٽائر ٿيندا***نواز شريف اڄ ڏيهه پهچندو،  احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو***گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا ۾ لفظي جنگ عروج تي پهچي وئي***ميان صاحب واپس اچي رهيو آهي، گهڻن ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندو: اياز صادق***نواز شريف کي خبر آهي ته ساڻس جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو احتساب ناهي: مريم نواز***عمران خان جي هر خواهش کي پورو نٿو ڪري سگهجي: قمر زمان ڪائره***ميزائيل تجربي بعد ايران ۽ عالمي طاقتن ۾ معاهدو ختم ٿي چڪو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ***وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي: عمران خان***هر قيمت تي مادر وطن جي حفاظت جو حلف کنيو آهي: آرمي چيف
اڄ جي اخبار