Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
ستر سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، ووٽ جي حرمت کي ڇڏڻ سان ملڪ ٽٽو: نواز شريف
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت 2013 ۾ قائم ٿي ۽ وڏو واضح مينڊيٽ هو، پي ٽي آءِ پهرين ڌانڌلي جي رٽ لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ميان نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي، ڪراچي جو امن اسان بحال ڪيو آهي، سي پيڪ تمام بهتر انداز ۾ هلي رهيو هو، ڌرڻي دوران سخت متاثر ٿيو، ملڪ ۾ انفرااسٽرڪچر بڻجي رهيو آهي، سي پيڪ زورن سان هلي رهيو هو پر ان تي ڪم ڌرڻن سان متاثر ٿيو، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بدحالي جو ڪير ذميدار هوندو؟، پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو، مون کي ٻڌايو ته ڌرڻو هيو ڇا جي لاءِ؟، مون کي ٻڌايو وڃي ته ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟، هن چيو ته ڌرڻي جي ڪردارن جي باري ۾ بعد ۾ ٻڌائيندس، سپريم ڪورٽ پهرين پاناما جي درخواست رد ڪئي ۽ پوءِ منظور ڪري ورتي، جي آءِ ٽي ۾ شامل سمورا ماڻهو اسان جا بدترين مخالف هئا، مان بطور وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيس، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پورو خاندان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو، ڪهڙي ڳالهه جو احتساب ٿي رهيو آهي؟، شهباز شريف، مريم، حسن ۽ حسين نواز به جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا، 1972 کان احتساب ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته مون سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هنيون آهن؟، ڪي سرڪاري پئسن ۾ گهوٻيون هجن ها ته اڄ اوهان جي سامهون شرمسار ويٺو هجان ها، مان ته 70 سالن کان هن ملڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، مون ته ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، اسان جي پنهنجي ڪاروباري معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهيو آهي، ستر سالن ۾ اسان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، جيڪڏهن عوام جي حڪمراني جي حق تي قائم رهون ها ته پاڪستان ڪڏهن نه ٽٽي ها، ووٽ جي حرمت کي جڏهن ڇڏيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويو، ڇا اسان ماضي مان ڪو سبق ناهي سکيو؟، هن چيو ته جيڪڏهن سبق سکيو هجي ها ته پهرين مارشل لا بعد ٻي ۽ ٽين مارشل لا  نه لڳي ها، ٽين مارشل لا ڊڪٽيٽر ٽيهه سال کائي ويا، هر وزيراعظم جي حصي ۾ سراسري ڏيڍ سال آيو، نواز شريف چيو ته مشرف مارشل لا لڳايو ته مشرف منهنجي خلاف هو، فوج منهنجي خلاف نه هئي، فوج جو وڏو حصو مشرف جي قدمن جو حامي نه هو، بنگلاديش ۾ عوام جو حق حڪمراني مڃيو ويو هجي ها ته ملڪ نه ٽٽي ها، ڇا هي عوام جي ووٽ جو احترام آهي؟، ڇا ان طرح سان ملڪ بڻجندو آهي؟ ڇا ان طرح سان قومون بڻجنديون آهن؟، فوج جو هڪ حصو منهنجي خلاف ڇو هوندو؟، مشرف ۽ ان جا ڪجهه ساٿي منهنجي خلاف هيا، باقي فوج کي ته معلوم ئي نه هيو ته مارشل لا لڳو، فوج جو وڏو حصو مشرف جي فيصلي سان متفق نه هيو، ڪجهه ماڻهن فيصلو ڪيو ۽ حڪمراني سنڀالي ورتي ۽ ووٽ کي ڦاڙي قوم جي منهن تي هنيو ويو، ووٽ جي تقدس لاءِ اسان پوري جدوجهد ڪنداسين، ووٽ جي تقدس جي جدوجهد قوم ۾ ڦهلجندي ويندي، ملڪ ۾ ووٽ جو احترام نه هيو، ان سبب ملڪ کي اهي مصيبتون ڏسڻيون پيون، قانون جي حڪمراني تي پختو يقين رکان ٿو، هن چيو ته ڪوئي جيڪڏهن قانون جي حڪمراني تي يقين نٿو رکي ته اهي ان سان اتفاق نٿا رکن، ڪجهه فوجي سربراهن سان منهنجا لاڳاپا سٺا رهيا آهن ۽ تمام سٺا رهيا آهن، مون هميشه پاڻ کي آئين مطابق رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، قانون جي حڪمراني تي هميشه يقين ڪيو آهي، حڪومت جي پاليسين جو رخ درست هئڻ گهرجي، مان انگن اکرن جي ڳالهه ڪندو آهيان، مسرف ۽ ڪجهه فريقن وچ ۾ اين آر او ميثاق جمهوريت خلاف هيو، مون اڄ تائين ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، گذريل چئن سالن ۾ نظريي کان هٽي ڪري ڪو ڪم ناهي ڪيو، اسان ضبط ۽ صبر کان ڪم ورتو، اسان وڏي بردباري جو مظاهرو ڪيو هيو، عمران خان جي باري ۾ ڇا چوان، دنيا ڄاڻي ٿي، هي ڪم پنهنجي قوم لاءِ مون تي قرض آهي، مان ان لاءِ ناهيان چئي رهيو وزيراعظم جي ڪرسي تي ٻيهر اچي ويهان، هي ملڪ بدلجندو، ملڪ جو بدلجڻ ضروري آهي، وزيراعظم جي سيٽ ڪنڊن جي سيج آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ووٽ جي تقدس جي تحريڪ پوري ملڪ ۾ ڦهلجندي.
سرموڙ خبر
اهم خبرون 
اڳتي پڙهو
پارليامينٽ ۽ جمهوريت سان گڏ آهيون: جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي: شريف ڪٽنب کي پ پ کان رليف نه ملندو:آصف / بلاول 
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف ۽ ان جي خاندان کي سياست ۾ نه ٿو ڏسان، لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ماڻهن کي غلط فهمي آهي ته اسان آخري ڀيرو نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان جي حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ ان کي آسرو ڏنو هو، پر اسان حڪومت سان گڏ نه پهرين هئاسين نه هاڻي آهيون، اسان پارليامينٽ سان گڏ آهيون ۽ جمهوريت بچائڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتا آهيون، ان کان اڳ اسان جي پارٽي جي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ويو هو ۽ اسان ٻيو وزير اعظم بڻائي ڇڏيو هو، جلاوطني جي دور ۾ منهنجا نواز شريف سان تعلقات هئا، پر انهن جي تردي نه ڪندس، پر پر ڀاءُ سان ۴ سالن جا تعلقات هجن ۽ اهو فون ڪري ته ان جو فون نه کنيو ويو، نواز شريف هاڻي پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏي هاڻي وقت گذري ويو آهي، آصف زرداري چيو ته جمهوريت کان علاوه پاڪستان وٽ ڪوئي به رستو ناهي، پر نواز شريف ۽ ان جي خاندان کي آئينده سياست ۾ نه ٿو ڏسان، نواز شريف کان ڪڏهن به ڪو فائدو نه ورتو آهي ۽ نه کي وٺندس. هن جو چوڻ هو ته سياست ۾ ڪا به آخري ڳالهه ناهي هوندي، پر هاڻي ڪنهن به پارٽي سان مفاهمت واري ڳالهه وقت کان اڳ جي ڳالهه هوندي، عمران خان به فل ٽاس تي کيڏي رهيو آهي، جڏهن نو بال ايندو ته هن کي خبر پوندي، منهنجي عمران خان ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي. ان موقعي تي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پهرين ئي ڏينهن اها ڳالهه ڪئي هئي ته سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
نيب شريف خاندان کان جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ لاءِ  اڄ طلب ، ٽيم عزيزيه اسٽيل مل ڪيس بابت جاچ ڪندي
 اسلام آباد (رپورٽ:زاهد ڪورائي ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي ڪرپشن ڪيسن جي جاچ لاءِ اڄ طلب ڪري ورتو آهي. نيب جي ٽيم لاهور پهچي جاچ ڪندي، جڏهن ته نيب سپريم ڪورٽ  مان جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو 10 هون واليم حاصل ڪري آهي. مليل اطلاعن مطابق سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شريف خاندان خلاف ڪيسن جي جاچ ڪندڙ نئب جي ٽيم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سندس پٽن حسين نواز ۽ حسن نواز کان 18 آگسٽ تي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ نوٽيس اماڻيا ويا آهن ۽ اهي نوٽيس 11 آگسٽ تي وصول پڻ ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب نئب جي ٽيم عزيزيه اسٽيل مل ڪيس بابت جاچ ڪندي، جنهن لاءِ نئب راولپنڊي جي ٽيم لاهور ۾ واقع نواز شريف جي رائيونڊ واري گهر پهچي جاچ ڪندي پر نواز شريف ٽيم آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سندس پٽَ پڻ ملڪ کان ٻاهر آهن، ذريعن موجب نئب جي ٽيم ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بابت جاچ لاءِ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف  عدالت عظميٰ جي رجسٽرار آفس پاناما ليڪس جي جاچ جي لاءِ قائم گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) جي رپورٽ جي جلد 10 جو نقل قومي احتساب بيورو (نيب) کي ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي تنهن هوندي شريف ڪٽنب خلاف ريفرنس داخل جي لاءِ رپورٽ جي باقي جلدن جون وڌيڪ 3 -3 ڪاپيون ڏنيون ويون آهن. رجسٽرار آفيس نيب جي درخواست تي جلد 10 کان سواءِ جي آءِ ٽي جي باقي رپورٽ جي نقل ڏيڻي هئي پر جلد 10 ڏيڻ جي درخواست خارج ڪئي هئي. نيب هڪ ٻي درخواست جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته 4 ريفرنسز داخل ڪرڻ جي لاءِ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جون وڌيڪ 3 نقل ڪاپيون گهربل آهن. نيب اهو به چيو آهي ته جلد 10 کي ريفرنسن جو حصو بڻائڻ جي لاءِ ان جي نقل به گهربل هوندي تنهن هوندي رجسٽرار آفيس جلد 10 ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪيو آهي.پاناما ليڪس ڪيس ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ٻارڙن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ جو واليوم 10 به حاصل ڪري ورتو آهي. نيب پاناما ليڪس ڪيس ۾ جي ٽي آءِ رپورٽ جو 415 صفحن تي ٻڌل واليم 10 حاصل ڪري ورتو آهي. ان کان اڳ نيب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس مان واليوم 10 فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر رجسٽرار آفيس نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي پر هاڻي نيب کي واليم 10 جا تصديق ٿيل نقل فراهم ڪيا ويا آهن، نيب کي هاڻي گڏيل جاچ ٽيم جي مڪمل رپورٽ جا 3 تصديق ٿيل نقل به ملي ويا آهن. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ جي واليوم 10 ۾ وڌيڪ جاچ به پڪيون شاهديون ۽ ثبوت موجود آهن، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ واليوم 10 جو هئڻ ضروري آهي.
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
اخبار 
HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
Email:
نواز شريف دهشتگرد کان پاڪ پاڪستان جو ويزن شروع ڪيو: مريم اورنگزيب
ڪراچي (رپورٽر) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف دهشتگرد کان پاڪ پاڪستان جو ويزن شروع ڪيو، قربانين کان پوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي. قائد اعظم جي مزار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان 2013ع ۾ دهشتگردي کان متاثر هو،اڄ دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهو نواز شريف جي ويزن جو نتيجو آهي. هن چيو ته آزادي تحفظ، ترقي ۽ انساني حق يقيني بڻائڻ جي لاءِ قائد اعظم پاڪستان بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اقتصادي قوت بڻجي اڀري رهيو آهي، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف پنهنجو واعدو پورو ڪندا.
سوچيل سمجهيل سازش تحت 18 وزير اعظمن کي هٽايو ويو: رضا رباني
اسلام آباد(رپورٽر) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته سوچيل سمجهيل سازش جي تحت 18 وزير اعظمن کي هٽايو ويو ۽ پاڪستان کي ويلفيئر اسٽيٽ سان نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. پارلياماني خدمتن بابت اداري ۾ پاڪستان جي پارليمان جي 70 سالا تقريب جي سلسلي ۾ رٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ثقافتن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته پاڪستاني ثقافت اڀرندي. نصاب جي ڪتابن م به تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ۽ تاريخ جو اهو حصو جنهن جو تعلق عوام جي جدوجهد سان هو ان کي رد ڪيو ويو. هن چيو ته قائد اعظم پاڪستان جو تصور پيش ڪيو هو هو فلاحي رياست جو هو، هن جمهوري وفاقي ۽ ترقي پسنداڻي سوچ رکندڙ رياست جو تصور ڏنو، وفاق اندروني ۽ ٻاهرين طور تي اهڙا ڏوراهي تي بيٺل آهي جتي بنيادي فيصلو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ جمهوري وفاقي ۽ پارلياماني پاڪستان ئي عوام جو فيصلو آهي.
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
پاڻي ڪميشن جي ٻڌڻي، ڪي فور منصوبو ڪڏهن شروع ٿيندو: ڪميشن جي سربراهه جو پڇاڻو
سري محل، 6 سئو ڪروڙ ڊالرز۽ پئسن جي ٻيڙين جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟: اياز لطيف پليجو
سپريم ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي جي آجيان، اسين سمجهون ٿا ته چڱائي جي شروعات ٿي آهي ،ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي: سيد زين شاهه
نارو ڪراچي جي سنڌي علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جو ڌرڻو
آدم شماري سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي، ڀرپور نموني حصو وٺي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين:آل پارٽيز


اڳتي پڙهو
مفاهمتي بادشاهه پاران گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ جي تجويز رد: ڳالهين جو حقيقي فورم پارليامينٽ آهي: آصف زرداري***آصف زرداري جي نواز ليگ کان شڪايت درست ناهي، زرداري ميثاق جمهوريت کي ٽوڙيو : خواجا سعد رفيق***چونڊ سڌارن بابت پارٽين جا خدشا ختم ٿيڻ تائين چونڊون شفاف ٿيندي نظر نه ٿيون اچن : پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ***ڪلثوم نواز چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ته پارٽي جي مستقل صدر به اها ئي بڻجندي: منظور وساڻ***سنڌ حڪومت عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي : مختلف کاتن ۾ هڪ لک ڀرتين جواعلان : گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد يونيورسٽي ۾ تبديل ***متحده باني جي پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ خان آف قلات سان ملاقات***ملڪ اسد سڪندر ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف ختم، فريال ٽالپر، نثار کهڙو ۽ ٻيا ڪوهستان پهتا***سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪي ڇڏي : جعلسازي ڪندڙ کي عوامي نمائندگي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي: چيف جسٽس***سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل عورتن جي حقن واري بل تي عمل ڪرايو وڃي: امر سنڌو*** مفاهمتي بادشاهه پاران گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ جي تجويز رد: ڳالهين جو حقيقي فورم پارليامينٽ آهي: آصف زرداري***آصف زرداري جي نواز ليگ کان شڪايت درست ناهي، زرداري ميثاق جمهوريت کي ٽوڙيو : خواجا سعد رفيق***چونڊ سڌارن بابت پارٽين جا خدشا ختم ٿيڻ تائين چونڊون شفاف ٿيندي نظر نه ٿيون اچن : پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ***ڪلثوم نواز چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ته پارٽي جي مستقل صدر به اها ئي بڻجندي: منظور وساڻ***سنڌ حڪومت عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي : مختلف کاتن ۾ هڪ لک ڀرتين جواعلان : گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد يونيورسٽي ۾ تبديل ***متحده باني جي پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ خان آف قلات سان ملاقات***ملڪ اسد سڪندر ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف ختم، فريال ٽالپر، نثار کهڙو ۽ ٻيا ڪوهستان پهتا***سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪي ڇڏي : جعلسازي ڪندڙ کي عوامي نمائندگي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي: چيف جسٽس***سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل عورتن جي حقن واري بل تي عمل ڪرايو وڃي: امر سنڌو*** مفاهمتي بادشاهه پاران گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ جي تجويز رد: ڳالهين جو حقيقي فورم پارليامينٽ آهي: آصف زرداري***آصف زرداري جي نواز ليگ کان شڪايت درست ناهي، زرداري ميثاق جمهوريت کي ٽوڙيو : خواجا سعد رفيق***چونڊ سڌارن بابت پارٽين جا خدشا ختم ٿيڻ تائين چونڊون شفاف ٿيندي نظر نه ٿيون اچن : پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ***ڪلثوم نواز چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ته پارٽي جي مستقل صدر به اها ئي بڻجندي: منظور وساڻ***سنڌ حڪومت عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي : مختلف کاتن ۾ هڪ لک ڀرتين جواعلان : گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد يونيورسٽي ۾ تبديل ***متحده باني جي پاڪستان مخالف آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ۽ خان آف قلات سان ملاقات***ملڪ اسد سڪندر ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف ختم، فريال ٽالپر، نثار کهڙو ۽ ٻيا ڪوهستان پهتا***سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 4 ۾ ننڍي چونڊ روڪي ڇڏي : جعلسازي ڪندڙ کي عوامي نمائندگي ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي: چيف جسٽس***سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل عورتن جي حقن واري بل تي عمل ڪرايو وڃي: امر سنڌو
اڄ جي اخبار
سنڌخبرون