Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
ميرٽ تي ايندڙن کي ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اچڻ ڏينداسين، قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي: اي ڊي خواجا
ملير(رپورٽ: ثناءُ الله شيخ)آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا  چيو آهي ته  پوليس دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پوليس ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، دشمن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اهلڪارن جا حوصلا گهٽ نه ٿيندا،  جوانن کي صوبي ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي.ملير جي رزاق آباد ٽريننگ سينٽر ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته چاقو ذريعي حملن جو مقصد عورتن ۾ خوف پيدا ڪرڻ  آهي، هو  واقعي بابت هر پاسي جي جاچ ڪري رهيا آهن.هن چيو ته هاءِ ڪورٽ واضح فيصلو ڏنو ۽ جيڪي ذميواريون عدالت ڏنيون اهي هو پوريون ڪري رهيو آهي.اي ڊي خواجا چيو ته هن مقرري لاءِ عدالت جو سهارو نه ورتو، سول سوسائٽي اهو ڪيس ڪيو ۽  هو ان ۾ فريادي نه هو.ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اي ڊي خواجه چيو ته هو پاس ٿيندڙ سمورن رڪروٽ کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.هن چيو ته پوليس جو کاتو عوامي خدمت جو ادارو آهي، هڪ ماڻهو جي غلطي سبب پوري اداري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جو ڪردار تمام اهم آهي نوجوانن تي اهم ذميواري آهي، قوم پوليس اهلڪارن کي ڏسي ٿي، پاس ٿيندڙ جوانن تي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي.سندس چوڻ هو ته جوانن جو ڪم قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ آهي، رڪاوٽون زندگي جو اهم حصو آهن، گهٻرائڻ نه گهرجي.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪامياب اهلڪارن کي فخر ٿيڻ گهرجي ته هو ميرٽ تي چونڊيا ويا آهن.هن چيو ته نوجوان اهلڪارن جو عوام سان ورتاءُ پوليس جي کاتي جي ترجماني آهي.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته پوليس کاتو ڪيترن ئي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جوان دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته مخالفت زندگيءَ جو حصو آهي، ان کان گهٻرائڻ نه گهرجي، شهيد جي قيمت پئسا ناهن هوندا، جوانن جو ڪم ڀڄڻ نه پر دشمن جو مقابلو ڪرڻ آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته اڄ جو ڏينهن مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪو ٻج مون پوکيو اهو اڄ ڦل دار ٿيو آهي.هن چيو ته مخالفت زندگي جو حصو آهي، ان کان گهٻرائڻ نه گهرجي ، عزت، ذلت، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي.سندس چوڻ هو ته اوهان ميرٽ تي ڀرتي ٿيا آھيو، قانون جي بالادستي رکڻي آهي.اي ڊي خواجه چيو ته  پوليس لاءِ وڏا چئلينج آهن شھيدن جي قيمت پئسا نه آهن، جوانن جو ڪم ڀڄڻ نه پر ڄمي مقابلو ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته دشمنن کي پيغام ڏيون ٿا ته اسان جا حوصلا بلند آهن، اهلڪار پنهنجن علائقن ۾ وڃي عوام سان اخلاق ۽ محبت سان پيش اچن

سنڌ سرڪار طرفان اسٽيل ملز جي زمين جي وڪري خلاف مزاحمت جو فيصلو
ڪراچي( رپورٽ: يووراج گرناڻي ) سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي زمين جي وڪري خلاف ڀرپور مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان فون تي رابطو ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار اسٽيل ملز جي زمين وڪرو نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسٽيل ملز جي وڪرو ٿيندڙ زمين سنڌ سرڪار جي آهي. سندس چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري اسٽيل ملز جي زمين جو وڪرو روڪرائي.

گذريل ۷۰ سالن ۾ ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي: امير ڀنڀرو
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪرپشن ڪيسن کي ڊگهي عرصي تائين هلائڻ ۽ پري پلي بارگيننگ ڪري جوابدارن کي پاڪ ڪرڻ بدران اسپيڊي احتساب عدالتون قائم ڪري ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ترت اڪلايو وڃي، ڪنهن به جوابدار کي سفارش، عهدي ۽ سياسي نالي جي ڪري ميڊيڪل جون سهولتون ڏيڻ بدران نيب طرفان انتهائي ايماندار ۽ فرض شناس ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ جوڙي وڃي جيڪا اهو فيصلو ڪري سگهي ته جوابدار جيل کان بچڻ لاءِ صحت جي خرابي جو ناٽڪ ته نه رچائي رهيو آهي، جيستائين ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو نٿو آندو وڃي، اوستائين نه ته سياست ۽ ادارن ۾ ايمانداري قائم ٿي سگهندي نه وري ملڪ معاشي طور تي ترقي ڪري سگهي ٿو، امير ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته گذريل ۷۰ سالن ۾ ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان بچائڻ، سنڌ بچائڻ ۽ جمهوريت بچائڻ لاءِ پر فريب نعرا ڏئي ڪرپشن جا دڪان کوليا وڃن ٿا، ڪرپشن جي ڪري عام ماڻهو جو سياست، جمهوريت ۽ سمورن قومي ادارن تان ويساهه کڄي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ ملڪ جي معيشت بچائڻ لاءِ اهو چٽي ريت طئي ڪرڻو پوندو ته سمورن ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻي پوندي، چاهي اهو جمهوري ادارا هجن، عسڪري ادارا هجن يا جوڊيشري هجي، ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ فردن بجاءِ سڄي قوم تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

۵ هزارن لاءِ پريشان پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ اربين رپين جا مالڪ ٿي ويا: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا ڪنگ ويٺا آهن، ڪرپٽ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ انهن سان ڊيل قبول نه ڪئي ويندي. اقتدار کان اڳ ۾ جيڪي ۵ هزار رپين لاءِ پريشان هئا، انهن پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اچي ڪروڙين ۽ اربين روپين جون ملڪيتون ڪيئن ٺاهيون؟ هر کاتي ۾ ٿيل خرچ جو حساب ورتو وڃي. ڪمند ۽ سارين جي آبادگارن سميت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي. هن اهڙو اظهار بي ۴۸ پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته نقلي ٻج، دوائن ۽ ڀاڻ جي ڪري فصلن ۽ زمينن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. پهرين آڪٽوبر کان کلندڙ شگر ملون زرداري ۽ انور مجيد جي ڪري کلي نه سگهيون آهن، آبادگارن کي سارين جو اگهه به نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري ٿوري پاڻيءَ سان واهن ۽ شاخن کي گهارا پئجي رهيا آهن. سنڌ جا آبادگار ۽ هاري ناانصافيءَ خلاف خاموش نه ويهن. زراعت جي تباهي سنڌ جو معاشي قتل آهي، ان جي خلاف ڳوٺ، ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ احتجاج ڪيو وڃي، قومي عوامي تحريڪ آبادگارن ۽ هارين سان هر احتجاج ۾ گڏ آهي. احتجاجي مزاحمت کانسواءِ سنڌ کي ڪرپٽ مافيا کان نٿو بچائي سگهجي. هن چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ڪامورن کي ڪرسين تي ويهڻ جو ڪو به حق ناهي، ڪرپشن ۾ ملوث حڪمرانن ۽ ڪامورن کي نااهل ڪري جيل ۾ وڌو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ شاگردن تي تشدد ناانصافي آهي، قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. 

HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
اخبار 
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
زاهد حامد جي استعيفيٰ تي ڊيڊ لاڪ برقرار ، ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پير حسين الدين شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم***خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ وين مٿان ڪلٽي، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، قيامت صغريٰ جو منظر***14 ڏينهن کان رياست بيوس آهي، ڪنهن جي ڪَنَ تي جونءِ به نٿي چُري: رضا رباني***مخدوم امين فهيم کي وساري نٿو سگهجي، پ پ هر دور ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو: بلاول ڀٽو زرداري***عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ٿي سگهيو؟ عدالتي حڪمن جي نافرماني کان پوءِ وڌيڪ وقت نٿو گهري سگهجي: عدالت***ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو پرامن حل ڳولي وٺنداسين: احسن اقبال***وڏي وزير ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ***اسلام آباد ۾ ڌرڻو حڪومت جي ڪمزوري ۽ عملداري ختم ٿيڻ جي نشاندهي آهي: خورشيد شاهه***ماڻهن جا پيدا ڪيل مسئلا ماڻهو پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، پاڻ سان سچو ٿجي ته جلد تبديلي نظر ايندي: عبدالرزاق عمراڻي*** زاهد حامد جي استعيفيٰ تي ڊيڊ لاڪ برقرار ، ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پير حسين الدين شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم***خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ وين مٿان ڪلٽي، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، قيامت صغريٰ جو منظر***14 ڏينهن کان رياست بيوس آهي، ڪنهن جي ڪَنَ تي جونءِ به نٿي چُري: رضا رباني***مخدوم امين فهيم کي وساري نٿو سگهجي، پ پ هر دور ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو: بلاول ڀٽو زرداري***عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ٿي سگهيو؟ عدالتي حڪمن جي نافرماني کان پوءِ وڌيڪ وقت نٿو گهري سگهجي: عدالت***ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو پرامن حل ڳولي وٺنداسين: احسن اقبال***وڏي وزير ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ***اسلام آباد ۾ ڌرڻو حڪومت جي ڪمزوري ۽ عملداري ختم ٿيڻ جي نشاندهي آهي: خورشيد شاهه***ماڻهن جا پيدا ڪيل مسئلا ماڻهو پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، پاڻ سان سچو ٿجي ته جلد تبديلي نظر ايندي: عبدالرزاق عمراڻي*** زاهد حامد جي استعيفيٰ تي ڊيڊ لاڪ برقرار ، ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پير حسين الدين شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم***خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ وين مٿان ڪلٽي، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، قيامت صغريٰ جو منظر***14 ڏينهن کان رياست بيوس آهي، ڪنهن جي ڪَنَ تي جونءِ به نٿي چُري: رضا رباني***مخدوم امين فهيم کي وساري نٿو سگهجي، پ پ هر دور ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو: بلاول ڀٽو زرداري***عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ٿي سگهيو؟ عدالتي حڪمن جي نافرماني کان پوءِ وڌيڪ وقت نٿو گهري سگهجي: عدالت***ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو پرامن حل ڳولي وٺنداسين: احسن اقبال***وڏي وزير ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ***اسلام آباد ۾ ڌرڻو حڪومت جي ڪمزوري ۽ عملداري ختم ٿيڻ جي نشاندهي آهي: خورشيد شاهه***ماڻهن جا پيدا ڪيل مسئلا ماڻهو پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، پاڻ سان سچو ٿجي ته جلد تبديلي نظر ايندي: عبدالرزاق عمراڻي*** زاهد حامد جي استعيفيٰ تي ڊيڊ لاڪ برقرار ، ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي، پير حسين الدين شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم***خيرپور ۾ ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ وين مٿان ڪلٽي، 21 ڄڻا اجل جو شڪار، قيامت صغريٰ جو منظر***14 ڏينهن کان رياست بيوس آهي، ڪنهن جي ڪَنَ تي جونءِ به نٿي چُري: رضا رباني***مخدوم امين فهيم کي وساري نٿو سگهجي، پ پ هر دور ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو: بلاول ڀٽو زرداري***عدالتي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ٿي سگهيو؟ عدالتي حڪمن جي نافرماني کان پوءِ وڌيڪ وقت نٿو گهري سگهجي: عدالت***ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو پرامن حل ڳولي وٺنداسين: احسن اقبال***وڏي وزير ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ***اسلام آباد ۾ ڌرڻو حڪومت جي ڪمزوري ۽ عملداري ختم ٿيڻ جي نشاندهي آهي: خورشيد شاهه***ماڻهن جا پيدا ڪيل مسئلا ماڻهو پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا، پاڻ سان سچو ٿجي ته جلد تبديلي نظر ايندي: عبدالرزاق عمراڻي
اڄ جي اخبار