بريڪنگ نيوز

پاڪستان

اسان وٽ صلاحيت موجود آهي غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگهون ٿا: سرفراز بگٽي

اسلام آباد: (م ڊ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنوري کان هينئر تائين 24 خودڪش حملا ڪيا ويا جن مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث هئا. افغانستان جي زمين تان اسان جي مٿان حملا ڪيا وڃن ٿا جنهن جا ثبوت اسان افغان اختيارين جي آڏو …

تفصيل »

طالبان کي ٻيهر جن ماڻهن آندو انهن جي ڪري دهشتگردي جا واقعا پيش آيا آهن: خواجه آصف

سيالڪوٽ( م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيض آباد ۾ جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو هو اِهي ئي ضامن هئا. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته طالبان وڏي انگ ۾ سوات ۽ فاٽا ۾ موجود آهن، …

تفصيل »

نوازشريف ضمانت وٺي ايندو ۽ عدالت جي سامهون پيش ٿيندو: راڻا ثناءُالله

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف ضمانت وٺي ايندو ۽ عدالت جي سامهون پيش ٿيندو، سموري قوم نوازشريف جي آجيان لاءِ تيار آهي. جڏهن ته عمران خان پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس …

تفصيل »

سائفر ڪيس، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم، نوٽيس جاري

اسلام آباد (رپورٽر) سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خاص عدالت جي جج ابوالحسنات سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل سائفر ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي درخواست …

تفصيل »

ملڪ دشمن پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا: سرفراز بگٽي

اسلام آباد (رپورٽر) نگران گهرو  وزير سرفرار بگٽي ميانوالي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردي حملي جي سخت مزمت ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن بهادري سان وڙهندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پوليس جي  بهادر جوانن دهشتگردن کي جهنم اماڻي  ڇڏيو. …

تفصيل »

ميانوالي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو،2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

ميانوالي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميانوالي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ جي پنجاب عثمان انور موجب 10 کان 12 دهشتگردن  ڪنڊل واري علائقي ۾ پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪيو، ڇت تي مورچابند اهلڪار جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا . آءِ …

تفصيل »

آمريڪا، ايران ۽ يو اي اي طرفان پاڪستان ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ)آمريڪا، ايران، متحده عرب امارات(يو اي اي) ۽ ڪويت سميت مختلف ملڪن مستونگ ۽ هنگو ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي مذمت ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته حملن ۾ نمازي …

تفصيل »

پنجاب ۾ هڪ ڏينهن دوران اکين جي بيماري جا 10 هزار نوان مريض رپورٽ

لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ 24 ڪلاڪن دوران اکين جي بيمارين جا 10 هزار 269 نوان مريض رپورٽ ٿي ويا آهن. پنجاب جي هيلٿ کاتي موجب پنجاب ۾ اکين جي بيماري واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. صرف هڪ ڏينهن دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري جا …

تفصيل »

مديني جي رياست ٺاهڻ واري ملڪ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

فيصل آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مديني واري رياست ٺاهڻ وارو آيو  ۽ ملڪي معيشت 47هين نمبر تي هلي وئي، هاڻي سياستدان ۽ جنرل به زور ڏئي رهيا آهن پر ملڪ مشڪلاتن مان نڪري نه رهيو آهي.فيصل آباد ۾ ناموس …

تفصيل »

پاڪستان ۾ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو،13 لک 30 هزار رجسٽرڊ، 7 لک 75 هزار غير قانوني ترسيل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان لاڳيتو پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ دنيا جي سڀني کان وڏي ملڪن مان هڪ آهي جنهن سبب ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪندڙ افغان شهرين جو انگ 37 لک تائين پهچي ويو آهي.  پاڪستان ۾ گذريل 40 سالن کان ڪيترن ئي غير قانوني افغان شهرين جي اچ …

تفصيل »