چارسده: (مانيٽرنگ ديسڪ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن جي بل تي اسان کي حڪومت جي ڪابه تجويز قبول نه آهي جيڪڏهن انهن ڪا ترميم ڏني ته انهي کي قبول ڪرڻ ته پري جي ڳالهه تجويز کي هٿ ۾ کڻڻ جي لاءِ به تيار نه آهيون. حڪومت جي ڪابه تجويز قبول نه ڪئي ويندي جيڪڏهن انهن اسان کي انهي ۾ ترميم ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ڏنو ته انهن جي تجويز قبول ڪرڻ ته پري جي ڳالهه انهن جي مسودي کي هٿ لائڻ جي لاءِ به تيار نه آهيون.چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيوته مدرسن جي بل تي نوازشريف، آصف زرداري، سينيٽ، قومي اسيمبلي سڀ متفق ٿي ويا هئا، بل سينيٽ ۾ به پيش ٿيو، اسيمبلي بل پاس ڪيو پر صدر صحيح نه ڪئي، جيڪڏهن صدر ٻين بلز تي صحيح ڪري سگهي ٿو ته هن مدرسي جي بل کي اعتراض سان واپس ڇو اماڻيو؟هن چيو ته اڄ نئون شوشو ڇڏيو ويو آهي ته مدرسا ته پهريان تعليم واري وزارت سان جڙيل هئا، ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هن مدرسي جي بلن ۾ اسان سمورن مدرسن کي مڪمل آزادي ڏني آهي ته اهي ڪنهن به وفاقي اداري سان جڙڻ چاهين ته جڙي سگهن ٿا اهو 1860ع ايڪٽ جي تحت هجي يا تعليم واري وزارت اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي هر مدرسو آزاد آهي ته اعتراض ڇاجو؟هن چيو ته عالمن کي عالمن جي مقابلي لاءِ آندو پيو وڃي. مدرسن ۾ ڪوبه اختلاف نه آهي. مدرسي جي بل تي سمورن عالمن ۽ مدرسن جو اتفاق آهي. نوان شوشا نه ڇڏيو، عالمن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اڄ هڪ حتمي اعلان ڪرڻ وڃي رهيا هئاسين ته مفتي تقي عثماني ۽ صدر وفاق المدارس طرفان اطلاع آئي ته انهن 17 ڊسمبر تي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي اسان پنهنجي فيصلي ۽ اعلان کي هن اجلاس تائين روڪيون ٿا. هن اجلاس کان پوءِ گڏيل طور تي فيصلا ڪيا ويندا.هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت هن معاملي کي سياسي ميدان نه بنائي اسان قانون جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هي مدرسن کي هڪ ايگزيڪٽو آرڊر جي ماتحت ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته مدرسن کي قانون جي تحت ريگولرائزڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر مدرسن جي آزادي ۽ خودمختاري پنهنجي جڳهه قائم رکڻ چاهيون ٿا. اسان جڏهن تعليم واري وزارت جي تحت رجسٽرڊ ٿي هنن جي ڳالهه مڃي ته هنن اسان تي ايگزيڪٽو آرڊر جي ذريعي هڪ ڊائريڪٽوريٽ مڙهي ڇڏيو يعني هي اسان کي ماتحت ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته مدرسا هنن جي ماتحت ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن.هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مدرسي جي بل تي ته پاڪستان جا ڳجها ادارا به متفق هئا انهن جي اتفاق راءِ سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا هئا. ڏٺو وڃي ته اهي نظر نٿا اچن پر اهي موجود هوندا آهن، رابطي ۾ رهندا آهن، اسان جو سوال اهوئي آهي ته جڏهن سڀ ڪجهه اتفاق راءِ سان طئي ٿيو ته هاڻ ڇا ٿي ويو؟ اها آهي بدنيتي.هن چيو ته اسان کٽي ويا آهيون پارليامينٽ هن بل کي پاس ڪري چڪي آهي جيڪا شيءَ طئي ٿي چڪي آهي انهي کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان کي انهي وقت تائين حڪومت جي ڪابه تجويز قبول نه آهي جيڪڏهن انهن اسان کي هن ۾ ترميم ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ڏنو ته انهن جي تجويز قبول ڪرڻ ته پري جي ڳالهه انهن جي مسودي کي چمٽي سان پڪڙڻ جي لاءِ به تيار نه آهيون.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …