اسلام آباد (مانيٽرنگ ديسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستاني سفارتخانو شام ۾ سمورن پاڪستانين کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ 300 کان وڌيڪ پاڪستاني شام کان محفوظ طريقي سان پاڪستان پهچي چڪا آهن، ممتاز زهرا بلوچ هفيتوار بريفنگ ڏيندي چيوته پاڪستان شام جي خودمختياري ۽ سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، پاڪستان کي شام ۾ اسرائيلي جارحيت تي ڳڻتي آهي، اسرائيلي پاران حملن ۾ شام جي آبادين کي تباهه ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪستان اسرائيل پران شام جي علائقن تي قبضي جي مذمت ڪري ٿو، ڪنهن ٻاهرين طاقت تي شامي ماڻهن جو مستقبل طئي ڪرڻ جو حق ناهي، اسان شام ۾عوام جي حمايتي حڪومت جي گهر ڪيون ٿا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي لتاڙ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيوته اسان مظلومن ڪشميري جي حمايت جاري رکنداسين، جڏهن ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ستون گڏيل توانائي، صنعت، زراعت فورم جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير اويس لغاري شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ رابطه وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گڏيل قومن جي مهاجرين جي بحالي جي اداري کي بنا رنڊڪ روڪ جي قرار داد کي سٺو قرار ڏيندي چيوته پاڪستان غزه ۾ به فوري سيزفائر جي گهر ڪري ٿو. پاڪستان قائرا ۾ ڊي ايٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، هن کان اڳ پاڪستان ڊي ايٽ وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا چيو ته افغان خليل الرحمان حقاني جي وفات تي وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ڏک جو اظهار ڪيو آهي، اسان دهشتگردي جي مڙني ڪاررواين جي مذمت ڪيون ٿا.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …