بريڪنگ نيوز

جيڪو شخص فوج ۾ ناهي، اهو ان جي ڊسيپلين جي ماتحت ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ديسڪ) سپريم ڪورٽ ملٽري ڪورٽس فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته سويلين کي بنيادي حقن کان ڪيئن محروم ڪري سگهجي ٿو؟سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي سماعت ٿي.وفاقي حڪومت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا ملٽري ڪورٽن جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلو ٻه حصن تي ٻڌل آهي، هڪ حصي ۾ آرمي ايڪٽ جا قدلم ڪالعدم قرار ڏنا ويا، ٻئي ۾ جوابدارن جي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪسٽڊي آهي.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا پنج رڪني بينچ آرمي ايڪٽ جي قلمن کي آرٽيڪل 8 (شهرين جي بنيادي حقن) سان ٽڪراءُ قرار ڏنو؟ آرمي ايڪٽ جي قلمن کي آرٽيڪل 8 سان ٽڪراءُ هجڻ جو ڪهڙو جواز فيصلي ۾ ڏنو ويو.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ملٽري ڪورٽن جو پورا ڪيس آرٽيڪل 8 جي چوڌاري گھمي ٿو، جيڪو شخص آرمڊ فورسز ۾ ناهي، اهو ان جي ڊسيپلين ۾ ڪيئن اچي سگهي ٿو؟خواجا حارث جواب ڏنو ته جيڪڏهن قانون اجازت ڏئي ٿو ته ڊسيپلين لاڳو ٿيندو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هڪ شخص جيڪڏهن آرمي ۾ آهي ته ان تي ملٽري ڊسيپلين لاڳو ٿيندو، هڪ شخص جيڪو زراعت کاتي ۾ آهي ته ان تي زراعت جو ڊسيپلين لاڳو ٿيندو، ڇا اڻ لاڳاپيل شخص کي ڊسيپلين ۾ شامل ڪرڻ آرٽيڪل 8 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ جيڪو شخص آرمي ايڪٽ جو سبجيڪٽ ناهي، ان کي بنيادي حقن کان ڪيئن محروم ڪري سگهجي ٿو؟خواجا حارث چيو ته مخصوص حالتن ۾ سويلين تي پڻ آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، ملٽري ٽرائل ۾ پڻ فيئر ٽرائل جو آرٽيڪل 10 اي موجود هوندو آهي.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ايف بي علي ۽ شيخ رياض علي ڪيس ۾ پڻ اهو ئي قرار ڏنو ويو، چئن ججن فيصلي ۾ آرمي ايڪٽ قلمن کي ڪالعدم ڪيو.خواجا حارث نڪتو اُٿاريو ته عدالت وٽ آرمي ايڪٽ جي قلمن کي ڪالعدم ڪرڻ جو اختيار ناهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص اڪسائڻ جو سوچيندو آهي ته ڇا ان تي به آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو؟ ڇا آرمي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 8 جا سيڪشن غير اثرائتا ناهن ڪري ڇڏيا؟ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو عهدو صدر پاڪستان جو آهي، جيڪڏهن صدر هائوس تي حملو ٿئي ٿو ته جوابدار جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو ۽ جيڪڏهن آرمي ملڪيتن تي حملو ٿئي ٿو ته ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو.خواجا حارث جواب ڏنو ته اهو فيصلو قانون سازن طرفان قانون سازي ذريعي ڪيو ويو آهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن هڪ فوجي پنهنجي آفيسر جو قتل ڪري ڇڏي ته ڪيس ڪٿي هلندو؟ ان تي خواجا حارث چيو ته قتل جو ڪيس عام عدالت ۾ هلندو.جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آئين جي آرٽيڪل 8 ۾ آرمي قانونن جو ذڪر ان جي ڊسيپلين جي حوالي سان آهي، فوج جو ڊسيپلين اڄ به قائم آهي ۽ الله ان کي قائم ئي رکي، جيڪڏهن فوج جي ڊسيپلين ۾ عام ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ته اهو تباهه نه ٿي وڃي، فوجي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس عام عدالت ۾ هلندو ۽ فوجي ملڪيتن تي حملو به دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ئي ڏوهه آهي.سپريم ڪورٽ نو ۽ ڏهه مئي جي ايف آءِ آرز جا تفصيل طلب ڪندي ملٽري ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے