بريڪنگ نيوز

عالمي بينڪ 500 کان 600 ملين ڊالر جو قرض ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ديسڪ) عالمي بينڪ سي پيڪ جي تحت بجلي جي خريداري جي معاهدن تي نظر ثاني سميت اهم شرطن تي عمل نه ڪرڻ سبب پاڪستان جو 500 ملين ڊالر جو قرض ملتوي ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽ موجب نئون بجيٽ سپورٽ لون نه ڏيڻ جو هم اهم سبب اهو آهي ته پاڪستان پنهنجو ڪوٽا وڏي حد تائين ختم ڪري ڇڏيو آهي.حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته عالمي بينڪ 500 کان 600  ملين ڊالر جو قرض ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد پاڪستان کي سستي ۽ صاف توانائي فراهم ڪرڻ هو.جون 2021 ۾ عالمي بينڪ پاڪستان کي توانائي جي حوالي سان  تعاون جي پروگرام جي منظوري ڏئي 400 ملين ڊالر جي پهرين قسط فراهم ڪئي هئي پر بينڪ جي وڌيڪ رقم ڏيڻ جي شرط هئي. اهڙين شرطن ۾ سي پيڪ جي تحت چيني پاور پلانٽس جي سيٽ اپ سميت سمورين آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪرڻ به شامل هو. پاڪستاني اختيارين موجب سي پيڪ پاور پلانٽس سان گڏ ٻيهر ڳالهين ۾ ڪابه اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے