بريڪنگ نيوز

يونان ٻيڙي حادثي ۾ هڪ پاڪستاني فوت ٿيڻ جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان يوناني ٻيٽ ڀرسان ٻيڙي حادثي ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شروعاتي ڄاڻ موجب گذريل ڏينهن يونان جي ٻيٽ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ ريسڪيو ڪيل ماڻهن ۾ 47 پاڪستاني پڻ شامل آهن، جڏهن ته هڪ پاڪستاني فوت ٿيڻ جھي تصديق ٿي آهي. هن چيو ته في الحال اسان فوت يا گم پاڪستانين جي انگ جي تصديق نٿا ڪري سگهون، ايٿنس ۾ پاڪستاني سفارتخانو سڌي ريت سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندڙ لاڳاپيل ڪوسٽ گارڊ اختيارين سان رابطي ۾ آهي، سفارتخاني جون اختياريون ريسڪيو ڪيل پاڪستانين سان ملاقات ڪرڻ ۽ انهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پهچي چڪيون آهن، گم ٿيل پاڪستانين جا گهر ڀاتي پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪري سگهن ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے