بريڪنگ نيوز

6 ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ڳڻتي،پوليو جي روڪٿام هڪ وڏو چئلينج آهي، انت آڻي سک سان ويهنداسين: شهبازشريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پوليو جي روڪٿام هڪ وڏو چئلينج آهي. وائرس جو انت آڻي سک سان ويهنداسين، هن ڀيري پوليو جي مرض کي پاڪستان جي سرحدن مان هميشه لاءِ ٻاهر ڪڍنداسين. پوليو مهم بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيوته پوليو جي خلاف تعاون تي عالمي  پارٽنرن جا شڪر گذار آهيون، هن چيوته صوبائي حڪومتن سان گڏجي پوليو جي خلاف جنگ کٽينداسين، پاڪستان ۾ پوليو جا 6 ڪيس ڳڻتي واري ڳالهه آهي، شهبازشريف چيو ته ٻارڙن جا والدين هن مهم ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ۽ پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري پوليو جي هن مرض کان هميشه هميشه محفوظ ڪن، وزيراعظم سمورن صوبن  ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ٽيمز جو شڪري ادا ڪندي چيوته پوليو ورڪرز جي ساراهه ڪيون ٿا ۽ سندس بهادري کي ساراهيون ٿا،  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به  ساراهيان ٿو ته جتي سيڪيورٽي جا چئلينجز آهن ڀرپور نموني سان اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، شهبازشريف پوليو جي خلاف مهم ۾ ڪردار ادار ڪرڻ تي سعودي عرب، بلگيٽس فائونڊيشن ۽ ورلد هيلٿ آرگنائيزيشن جو به شڪريو ادا ڪيو، وزياعظم ان موقعي تي ٻاڙرن کي پوليو جا قطرا به پيئاريا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے