ڪراچي (مانيٽرنگ ديسڪ) توانائي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خان صاحب جو مستقبل پرامن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ئي آهي، عمران خان کي گٿا لفظ، بدتميزي ۽ ڪردار ڪشي واري سياست کي تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پنهنجي صوبي جي مسئلن تي ڌيان ڏئي، پي ٽي آءِ کي 2029 جي چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو. ناصر شاهه چيو ته ڪابه تبديلي غور هيٺ ناهي، گورنر پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سيد ناصر حسين شاهه جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان کان اڳ وزير توانائي سيد ناصر شاهه پرائيويٽ بيوٽي سيلون اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو جي هدايت تي سنڌ حڪومت مفت قرض پروگرام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ SRSO تحت 12 لک کان وڌيڪ عورتون استعيفيٰ حاصل ڪري رهيون آهن. عورتن لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن، عورتن کي مهارت ڏيڻ سڄي نسل جي مستقبل لاءِ فائديمند آهي. تقريب ۾ ڪورس مڪمل ڪرڻ وارن کي سرٽيفڪيٽ ۽ مبارڪون ڏنيون ويون. ناصر حسين شاهه چيو ته اهي ڪورس مڪمل ڪرڻ سان اسان جي نياڻين ۽ ڀينرن کي روزگار ملندو. هن پروگرام تي عمل ڪيو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ عورتون خودمختيار بڻجي سگهن. سيد ناصرحسين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پاران ماهر عورتن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …