بريڪنگ نيوز
Sukkur: Sindh Chief Minister Syed Murad Ali Shah speaks to the media at the Centre for Autism Rehabilitation and Training Sindh (C-ART) . — NNI, December 17, 2024

پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني يا واپس ورتي. اسان پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏنو آهي:مراد علي شاهه

سکر (مانيٽرنگ ديسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته چئني صوبن کي گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، پهرين ملڪ جي ترقي جو سوچيو پوءِ ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ سوچيو وڃي. هو سکر ۾ نئين سي آرٽس سينٽر جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته کيس خبر ناهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني يا واپس ورتي. اسان پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏنو آهي. ملڪ جي ترقي لاءِ چئني صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، پهرين ملڪ جي ترقي جو سوچيو وڃي نه وري ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ سوچيو وڃي. مراد علي شاهه اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ کي آٽزم سينٽر کان مناسب هنڌ منتقل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن ڊي سي ۽ ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن جاءِ ناهي ته پوءِ پنهنجون آفيسون خالي ڪريو ۽ عدالت کي جاءِ ڏيو پر آٽزم ۾ مبتلا ٻارن لاءِ جاءِ خالي ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا به جاءِ نه آهي ته پوءِ وزيراعليٰ هائوس اچو ۽ عدالت کي اتي جاءِ ڏيندس. معذورن لاءِ ملازمت جي ڪوٽا بابت ڳالهائيندي وڏي وزير يقين ڏياريو ته جيڪڏهن غلط ڀرتيون ٿيون ته کين برطرف ڪيو ويندو. شڪايتن تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. ڪينالن جي معاملي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آهي، في الحال ڪنهن به ڪينال تي ڪم نه پيو ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير واضح ڪيو ته ڀرتيون خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪيون پيون وڃن. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته هيٺ لکيل آهي ته مان نوڪريءَ جي قطار ۾ بيٺو آهيان جيتوڻيڪ ان وقت ايم پي اي هوس. هن چيو ته سمورن ڀرتين ۾ ميرٽ جو خيال رکيو پيو وڃي. شهيد صحافي جان محمد مهر کي خراج عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان کيس نه وساريو آهي، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے