حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه چيو آهي ته ڪاميابي جو دارومدار انسان جي ثابت قدم رهڻ ۽ قيادت ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي، ڪامياب ٿيڻ لاءِ والدين سميت ملڪ سان سچو هُجڻ ضروري آهي، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ اسان کي نوجوانن مان تمام گهڻيُون اميدون آهن. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 62 هين والدين جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ والدين جي ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ مون لاءِ وڏو عزاز آهي. ذهين ڪيڊٽس سندن والدين ۽ معزز مهمانن جي ڀريل تقريب ڏسي متاثر ٿيو آهيان. هن شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي پيٽارو ۾ پنهنجي سفر جو آغاز هتان پنهنجي وقت جي بهترين استعمال سان ڪن پاڻ کي علم، قائداڻين صلاحيتن ۽ ذميواري کي مضبوط احساس سان نوازين، ان سفر کان اڳيان جي زندگي چيلنجن سان ڀريل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاميابي توهان جي ثابت قدم رهڻ ۽ قيادت ڪرڻ جي صلاحيت تي دارومدار رکي ٿي. ڪامياب ٿيڻ لاءِ نه فقط پنهنجن والدين پر پنهنجي ملڪ لاءِ پڻ مخلص ٿيو ڇاڪاڻ ته توهان پاڪستان جو مستقبل آيو ۽ اسان کي توهان مان تمام گهڻيُون اميدون لاڳاپيل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه پرنسپال ۽ اسٽاف کي سندن فرضن جي ادائيگي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ان موقعي تي اداري کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار جو يقين ڏياريو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 1.5 ميگا واٽ جي سولر سسٽم جي فراهمي ۽ سمورن ملازمن کي دلچسپي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ تي ٻن مهينن جي پگهار ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي بهترين عڪاسي ڪندو آهي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو سنڌ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏي تعليمي ادارن مان هڪ آهي. هن چيو ته پيٽارو جي ڪيڊٽس پاڪ فوج، سول سروسز سميت مخلتف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پيٽريئنز پاڪ فوج، بحريا ۽ هوائي فوج ۾ پاڻ کي شامل ڪيو آهي مونکي يقين آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو بطور بهترين مرڪز پنهنجو نالو روشن ڪندو رهندو. هن چيو ته قوم جي خدمت لاءِ مستقبل جو ليڊر تيار ڪرڻ ۾ پيٽارو سرفهرست آهي. هن سالياني ڪاليج جي رپورٽ پيش ڪرڻ تي پرنسپال کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن جا حيدرآباد فيڊرل بورڊ ۽ ڪيميرج سسٽم جي ذريعي حاصل نتيجا واقعي قابل تعريف آهن. هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو انهن ڪجهه ادارن ۾ شامل آهي جيڪي پاڻ کي شاگرد جي مڪمل تياري لاءِ وقف ڪندا آهن. هن والدين کي پنهنجن ٻارن کي ان عظيم اداري جي حوالي ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته اُن کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال سان گڏجي پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ کيس استادن جو تعارف ڪرايو ويو. ان موقعي تي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، ايم پي اي ملڪ سڪندر، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، سليم باجاري، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو پڻ موجود هئا.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …