بريڪنگ نيوز
Islamabad : Prime Minister Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet Meeting .— NNI, August 16, 2022

وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ يونان ٻيڙي حادثي جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. شهباز شريف چيو ته گذريل سال يونان ٻيڙي حادثي کان پوءِ ٻيهر ائين ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي. 2023 ۾ يونان ٻيڙي حادثي ۾ 272 پاڪستاني فوت ٿي ويا هئا ۽ انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿو.هن چيو ته ٻيڙي ۾ غيرقانوني سفر کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سستي سان کنيل قدمن جي ڪري واقعو ٻيهر ٿيڻ فڪر جوڳو عمل آهي.وزيراعظم شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي سڄي دنيا ۾ اهڙن واقعن ۾ ملوث پاڪستانين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ به ڏني وئي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ يونان جي سامونڊي حدن ۾ غيرقانوني طور تي ويندڙن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي جي رپورٽ حڪومت کي ملي هئي جيڪا ايتهنز جي سفارتخاني طرفان اماڻي وئي هئي. رپورٽ موجب يونان جي سامونڊي حدن ۾ 3 ٻيڙين کي حادثو پيش آيو جن  ۾ 175 ماڻهو سوار هئا، حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽئي ٻيڙيون ليبيا جي علائقي تبروڪ مان روانون ٿيون هيون.حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽئين ٻيڙي ۾ 83 ماڻهو سوار هئا جنهن مان 76 پاڪستاني، 3 بنگلاديشي، 2 مصري ۽ 2 سوڊاني ڊرائيور شامل هئا. انهي ٻيڙي ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿيو. ٻيڙي ۾ سوار 5 ماڻهن جا لاش مليا جيڪي پاڪستاني آهن. انهن مان 4 جي سڃاڻپ سفيان، رحمان علي، حاجي احمد ۽ عابد جي نالي سان ٿي پر پنجين پاڪستاني جي لاش جي سڃاڻپ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي.ٻيڙي ۾ سوار 30 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو جن ۾ 36 پاڪستاني به شامل هئا. ريسڪيو ڪيل ماڻهن ۾ سوڊاني ڊرائيور به شامل هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب حادثي ۾ 39 ڄڻا اڃان تائين گم آهن جن  ۾ 35 پاڪستاني به شامل آهن. گم  ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامياب ٿيڻ لاءِ والدين سميت ملڪ سان سچو هُجڻ ضروري آهي: سيد مراد علي شاهه

حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه چيو آهي ته ڪاميابي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے