اسلام آباد (ِ) ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ جسٽس منصور جي نوٽ سان هڪ حد تائين اتفاق ڪيو ويو آهي.اضافي نوٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته مون کي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت ٻين ججز جي نوٽيس پڙهڻ جو اتفاق ٿيو پر جسٽس منصور جي نوٽ سان هڪ حد تائين اتفاق ڪريان ٿو.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته ريفرنس ۾ ڏنل راءِ ۾ ڪيس جي ميرٽس تي ڪنهن حد تائين ڳالهيون ڪيون ويون آهن. آرٽيڪل 186 سپريم ڪورٽ صرف ايڊوائزري دائري جو اختيار رکي ٿي پر فيئر ٽرائل جي سوال تي فيصلي جي پيراگراف سان اتفاق ڪريان ٿو. اضافي نوٽ ۾ چيف جسٽس وڌيڪ لکيو آهي ته مان انهي نتيجي تي پهتو آهيان ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۽ اپيلٽ عدالت طرفان فيئر ٽرائل گهرجن کي پورو ناهي ڪيو ويو، ضابطه فوجداري جي تحت قتل جو ٽرائل سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ نٿي ڪري سگهي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو آهي ته اڳوڻي مرحوم چيف جسٽس نسيم حسن شاهه بعد ۾ تسليم ڪيو ته انهي تي ڀٽو ڪيس ۾ ٻاهريون دٻاءُ هو، اهو اسان جي قوم جو عدالتي تاريخ جو افسوسناڪ باب آهي.چيف جسٽس لکيو ته ڀٽو ڪيس ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس محمد عليم ۽ جسٽس صفدر جي جرئتمندانه اختلافي نوٽ سان اهميت اجاگر ٿئي ٿي جيڪي هن وقت جي ماحول باوجود پنهنجي موقف تي بيٺل رهيا، اهڙن ججز سان اختلافي نوٽيس سان صورتحال تبديل ناهي ٿي پر عدليه جي ساک ۽ غيرجانبداري برقرار رهي. اختلافي نوٽس سان قانون جي حڪمراني لاءِ پرعزم خودمختار عدليه جي اهميت اجاگر ٿئي ٿي.اضافي نوٽ ۾ چيف جسٽس واضح ڪيو ته منهنجي راءِ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل کان محروم رکيو ويو. ڀٽو ڪيس جهڙن واقعن جو تدارڪ نه ڪيو وڃي ته عدالتي نظام جي شفافيت ۽ عوامي اعتماد کي خطرا پيش ايندا آهن.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪامياب ٿيڻ لاءِ والدين سميت ملڪ سان سچو هُجڻ ضروري آهي: سيد مراد علي شاهه
حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه چيو آهي ته ڪاميابي …