بريڪنگ نيوز

صدر جي سيوهڻ آمد، قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري

سيوهڻ:( ويب ڊيسڪ) صدر پاڪستان آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي سيوهڻ  پھتو,سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو, صدر  آصف علي زرداري درگاھ قلندر لعل شھباز مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي فاتح پڙهي ملڪ جي سلامتي لاء دعا گهري, صدر جي پهچڻ تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.صدر پاڪستان آصف علي زرداري ميلا گرائونڊ تي هيلي پيڊ تي هيليڪاپٽر ذريعي سيوهڻ پھتو جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، پيپلزپارٽي ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاھ، محمد سليم باجاري، اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي راھوپوٽو، ملڪ اسد سڪندر، وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھ صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو.  صدر آصف علي زرداري درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح پڙهي ۽ ملڪ جي سلامتي لاء دعا گهري ۽ سورت ياسين جو ورد ڪيو بعد ۾ صدر آصف علي زرداري نوابشاھ روانو ٿي ويو.صدر آصف علي زرداري 8 ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ سيوهڻ پھتو صدر آصف علي زرداري سيوهڻ پھچڻ کان اڳ درگاھ قلندر لعل شھباز مزار کي عام زائرين لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو جڏھن ته شھر مان حد ددخليون هٽائي روڊ پڻ سيل ڪيا ويا سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا پوليس اهلڪارن سان رينجرس اهلڪار پڻ ڊيوٽي تي موجود هيا.ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري جي سيوهڻ اچڻ کان اڳ سيوهڻ شھر کي سينگاريو ويو. روڊ رستن تي صفائي سٿرائي ڪري فٽ پاٿن کي رنگ روغن ڪري گلن جا ٻوٽا لڳايا ويا جڏھن ته درگاھ قلندر لعل شھباز جي مزار جي ديوارن کي رنگ روغن ڪيو ويو ۽ درگاھ تي لڳايل سي سي ٽي وي ڪئميرائون نئين سري سان رپئير ڪري صفائي ڪئي وئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

معاشي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ دم کنيا پيا وڃن: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڊگهي مدي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے