اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگرد گروپن خاص ڪري تحريڪ طالبان جو افغان سرزمين جو استعمال اسان جي گڏيل لاڳاپن ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي ويو آهي، اسحاق ڊار قومي اسيمبلي اجلاس ۾لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويوته ڀارت ڪشمير سميت سمورن حلقن جي مسئلن جي حل لاءِ تعميري رابطه ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو جواب ۾ٻڌايو ته ڀارت تي زور ڏئي رهيا آهيون ته هو امن ۽ ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري، اسحاق ڊار چيو ته ٻه طرفو لاڳاپن ۾ مشڪلاتن جي باوجود پاڪستان ذميواري سان ڪم جاري رکيو، لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي کي برقرار رکيو ويو آهي، هن چيو ته آڪٽومبر 2024ع ۾ ترڪارپور راهداري معاهدي جي وڌيڪ 5 سالن لاءِ تجديد ڪئي وئي، پرڏيهي وزير ۽ ڊپٽي پرائم منسٽر جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي اسان جي سمورين ڪوششن جو هن وقت تائين افغانسان مان ڪوئي نتيجا ڏيندڙ جواب ناهي مليو.
