بريڪنگ نيوز

هڪ وقت هو جڏهن حڪومتن کي عدالتون هلايون هيون، هاڻي اهو وقت گذري چڪو: جسٽس جمال مندو خيل

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏنا آهن ته هڪ وقت هو جڏهن حڪومتن کي عدالتون  هلائينديون هيون هاڻي ان جو وقت گذري چڪو آهي، جسٽس امين الدين  جي سربراهي ۾  سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني آئيني بنيچ  اقليتين جي تحفظ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندو خيل چيو ته اسان هتي حڪومتون هلائڻ لاءِ ناهيون ويٺا، عدالت ۾ درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهربل جوابدارن کي ضمانون ملي چڪيون آهن، واقعي جي جاچ ٺيڪ ناهي ٿي، جسٽس نعيم اختر چيو ته جيڪڏهن ضمانت ٿي آهي ته رد ڪرڻ لاءِ  لاڳاپيل  فورم موجود آهن، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته اسان ٽرائل جي عمل ۾ هن وقت مداخلت نٿا ڪري سگهون، درخواست گذار جي وڪيل چيوته اسان جي سپريم ڪورٽ ۽ڀارتي  سپريم ڪورٽ ۾ وڏو فرق آهي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته جيڪا ڳالهه اوهان ڪري رهيا آهيو اها ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ شامل آهي،  ايڊيشنل ايڊووڪيٽ  جنرل پنجاب چيو ته هتي حڪومت جي خلاف ان لاءِ ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته  جيئن پرڏيهي سطح تي ويوز ملن،  جسٽس جمال  مندو خيل چيو ته تازو ئي ٽرين  دهشتگردي جو افسوس جوڳو واقعو ٿيو، جيڪڏهن هڪ شخص غلفت  ڪري ته الزام نٿو لڳائي سگهجي ته پوري رياست آهي، عدالت ٻڌڻي 5 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر قيدين جون 180 ڏينهن جون سزائون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے