رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل وزن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري موجب پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجوڊ هئا.ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ اقتصادي، واپاري، سرمائيڪاري، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اهم شهبن ۾ سرمائيڪاري وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ارادن جي تعريف ڪئي جيڪا پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي.ڌرين علاقائي سلامتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي مڃيندي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ پنهنجن ارادن جو اظهار ڪيو.ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علاقائي صورتحال سان گڏوگڏ خطي جي سياسي منظر نامي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل وزن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمايان خدمن جو اعتراف ڪيو ۽ انهن جي فلاح، بهبود جي لاءِ قدم وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.ٻنهي اڳواڻن عوام جي وچ ۾ رابطن، ثقافتي شين جي ڏي وٺ ۽ تعليمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ ولي عهد گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ ترقي، خوشحالي جي گڏيل وزن جي رهنمائي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائيواري کي نئين بلندين تائين پهچڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
