ڪراچي ( ڊيسڪ) ڪراچي جا مسئلا حل ڪري رپورٽ پڻ ڏيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي جي شهري مسئلن جي رپورٽنگ لاءِ پورٽل ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. روڊ ڪٽنگ جي منظوري رڳو ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي ڏئي سگهندا. عيد جي موقعي تي عوام کي سھولتون ۽ سيڪيورٽي ۾ واڌ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي. اجلاس وزيراعلى هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه ۽ مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري خالد حيدر شاهه پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران نڪاسي آب، غير قانوني حددخلين، روڊن جي ڪٽائي، صفائي، سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ جهڙن اهم مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. شهر جي بنيادي ڍانچي ۽ سهولتن جي بهتري لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. *مرڪزي روڊ ڪٽنگ اين او سي*وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته شهر جي ٽِن ضلعن ۾ روڊن جي ڪٽائي سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رھيا آھي جڏهن ته انهن مان ڪيترائي روڊون تازو تعمير ڪيا ويا ھئا. کيس آگاهي ڏني وئي ته مقامي ٽائونز سندن علائقن ۾ روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏني هئي، جنهن تي وڏي وزير فيصلو ڪيو ته هاڻ رڳو ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي روڊ ڪٽنگ جي اجازت ڏيندا. هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ڪي ايم سي يا ٽائون آفيسر پنهنجي طور تي روڊ ڪٽنگ جي منظوري نه ڏئي سگهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي پڻ هدايت ڪئي ته روڊ ڪٽنگ جي عمل کي منظم ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي ڏکيائي نھ ٿئي.* شهري مسئلن جي رپورٽنگ لاءِ پورٽل اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مخلتف ننڍن مسئلن جي بھ نشاندھي ڪئي جھڙوڪ گهٽين جي گٽرن جو وهڪرو، صفائي سٿرائيءَ جا مسئلا، مرڪزي روڊن تي ملبو ۽ ٽريفڪ جي رواني ۾ خلل جهڙا مامرا انتظاميا جي ساک کي نقصان پھچائي رھيا آھن. ھن ڪمشنر ڪراچي کي شهري مسئلن جي نگراني وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز شهر ۾ معائنو ڪن ته جيئن نڪاسي آب جا مسئلا، صفائي سٿرائي ۽ غير قانوني پارڪنگ جا معاملا حل ڪري سگهجن. وڏي وزير اعلان ڪيو ته "ڪراچي اشوز پورٽل” جوڙي ويندي، جتي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز نڪاسي آب، حددخلين ۽ صفائي بابت رپورٽون اپلوڊ ڪندا. *رمضان ۽ عيد دوران عوامي سهولتون*عيد الفطر جي مناسبت سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهرين جي خريداري لاءِ مارڪيٽن ۾ اچ وڃ وڌي ويندو آھي. هن چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ لاءِ پوليس گشت وڌايو وڃي ۽ عيد جي خريداري دوران شهرين جي سهولت لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن. وڏي وزير ڪي ايم سي ۽ ٽريفڪ پوليس کي پڻ هدايت ڪئي ته وڏن واپاري علائقن ۾ اسٽريٽ لائٽنگ، ٽريفڪ مينيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن کي بهتر بڻايو وڃي.*شهر جي خوبصورتي ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري*وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته سال جي آخر تائين چار وڏين مارڪيٽن ۽ انهن جي ڀرپاسي خوبصورتيءَ جا اپاءُ ورتا وڃن ۽ شهرين جي ويهڻ لاءِ جائيون ٺاهيون وڃن. ھن چيو ته ايندڙ سال وڌيڪ مارڪيٽن ۽ عوامي هنڌن کي بهتر بڻائي شهرين ۽ سياحن لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ لياري ۾ جاري واٽر پائپ لائن جي تنصيب جو جائزو به ورتو ويو، جيڪا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي هدايت ڪئي ته رٿا کي مڪمل ڪرڻ جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ سندس باقائدگي سان اپڊيٽ ڏني وڃي. ھن چيو تھ جيڪڏھن ڪوبھ مسئلو آھي تھ ان کي پي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ ذريعي حل ڪيو وڃي. *عيد کان پوءِ حددخلين خلاف ڪارروائي*وڏي وزير واضح هدايتون ڏيندي چيو ته عيد کان پوءِ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوامي ھنڌن تان هر ممڪن حد پھچ قابل بڻايو وڃي. سافٽ انڪروچمينٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ پڻ اپاءَ ورتا وڃن.
