آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ جو مطلب اهو ناهي ته اسان کٽڻ نٿا چاهيون.آڪلينڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته پاڪستان ٽيم ڪامياب واپسي ۽ سيريز کٽڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.هن ٻڌايو ته نيوزيلينڊ خلاف ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ يا ٻه تبديليون ڪري سگهجن ٿيون.هيڊ ڪوچ جو چوڻ هو ته نئين ٽيم ٺاهڻ جو مقصد اهو ناهي ته اسان کي کٽڻ نٿا چاھيون، نيوزيلينڊ جون حالتون آسان ناهن، خاص طور تي انهن رانديگرن لاءِ جن ملڪ کان ٻاهر گهٽ ڪرڪيٽ کيڏي آهي.پاڪستان جي شڪستن تي مداحن جي ڪاوڙ بابت ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته اسان به چاهيون ٿا ته ٽيم هر وقت کٽيندي رهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿورو وقت لڳي ٿو.سرفراز احمد جي قيادت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اها ڳالهه هاڻ چار سال پراڻي ٿي ويئي آھي. سندس چوڻ ھو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تبديلين جو عمل جاري آهي، جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن موجب مختلف فارميٽن لاءِ الڳ ٽيمون ٺاهيون پيون وڃن، اسان به ٽي ٽوئنٽي لاءِ الڳ ٽيم تيار ڪرڻ چاهيون ٿا.عالمي ڪرڪيٽ ۽ ايندڙ وڏن ايونٽن بابت ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ٻئي ڀارت ۾ ٿيندا، جتي وڏا اسڪور ٿيندا آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي حالتن ۾ کيڏڻ آسان ناهي، ان ڪري نوجوان رانديگرن کي اھڙين ڏکين حالتن ۾ کيڏڻ سان اعتماد ملندو، جيڪو کين ايندڙ مقابلن ۽ ايونٽن ۾ ڪم ايندو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو اصل ڌيان ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ تي آهي، صائم ايوب ۽ فخر زمان ٽيم ۾ شامل ٿيندا ته ٽيم وڌيڪ مضبوط ٿيندي.بالرن جي ڪارڪردگيءَ بابت ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته چار ڇڪا لڳڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر فاسٽ بالرن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي.هن خاص طور تي شاهين شاهه آفريدي جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪڏهن شاهين کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ پاڻ کي مڃائڻو آهي ته کيس پنهنجو معيار وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو.ٽيم جي حڪمت عمليءَ تي ڳالهائيندي هن چيو ته نيوزيلينڊ ۾ ننڍيون بائونڊريون آهن، جيڪڏهن پاڪستاني ٽاپ آرڊر بيٽر ۾ سٺو اسڪور ڪندا ته کٽي سگهون ٿا.
