ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا مايا علي پنهنجي اڃا تائين اڪيلو هجڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي جي رمضان شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان کائنس شادي بابت سوال ڪيو.شادي بابت ڳالهائيندي مايا علي چيو ته سندس ماءُ جي دلي خواهش آهي ته ھوءَ شادي ڪري. سندس چوڻ ھو ته امڙ هر نماز ۾ ھن جي شاديءَ لاءِ دعا ڪندي آهي، پر وڏڙن کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته رڳو ان لاءِ شادي نه ٿي ڪري سگهجي. ھن چيو ته صحيح وقت تي صحيح ماڻهو جڏهن زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ته اهو پاڻمرادو ٿيندو، اسان مذهب ۽ يقين جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر اسان کي ان ڳالهه تي ڇو يقين نه ٿو اچي ته هر ڪنهن جي شاديءَ جو وقت مقرر آهي، جيڪو جڏهن ايندو، تڏهن ئي شادي ٿيندي. مايا علي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جي شادي تي به ھن کان اهو سوال ڪيو ويو ته ھوءَ شادي ڇو نٿي ڪري؟ھن ٻڌايو ته ھوءَ وائڙي ٿي وئي ۽ انهن پڇيو ته هي ڪهڙو سوال آهي؟ ڇو ته شادي جو وقت مقرر هوندو آهي، جڏهن ڪو سٺو ماڻهو ملندو، مان شادي ڪري ڇڏينديس.پنهنجي پسند بابت ڳالهائيندي مايا علي چيو ته مان اهڙي شخص سان شادي ڪنديس، جيڪو منهنجي امڙ جو احترام ڪري، منهنجي ڪم کي سمجهي ۽ مون کي به سمجهي.سندس چوڻ ھو ته هڪ عورت کي جيڪا اهميت ملڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو شخص اها اهميت ڏئي سگهي ته مان ان سان شادي ڪنديس.
