بريڪنگ نيوز

6 تڪراري ڪئنالن واري رٿا خلاف 25 مارچ تي سنڌ هڙني ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪنداسين:نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت وفاقي حڪومت جي قدمن تي سخت تنقيد ڪندي سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ 25 مارچ تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي 6 تڪراري ڪئنالن واري رٿا خلاف 25 مارچ تي سنڌ هڙني ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪندي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي هن غير قانوني منصوبي خلاف جلسا به ڪندي ۽ هر گهٽي، پاڙي ۾ احتجاج ٿيندو، هي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجي. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي 6 ڪئنالن پاري منصوبي خلاف سمورن آئيني فورمن، ايوانن ۽ روڊن تي جدوجهد ڪندي. بنا ڪنهن آئيني فورم جي منظوري جي چولستان ڪئنال جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائي وفاقي حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪئي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمر پرويز مشرف به بنا آئيني منظوري جي ٿل ڪئنال ٺاهيو هو ۽ هاڻي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت 6 ڪئنالن واري منصوبي تي ساڳي آمراڻي روش اختيار ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت چولستان ڪئنال سميت تڪراري ڪئالن لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪري غير آئيني قدم کنيو آهي. هن چيوته جيڪڏهن ڪنهن به آئيني فورم وٽان هن رٿا جي منظوري ناهي ملي ته پوءِ اڏاوت جو شرورعات ۽ بجيٽ مختص ڪرڻ سراسر غير آئيني آهي. نثار کهڙو واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه مان ڪنهن به صورت ۾ نوان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندي، سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو گڏجي هن منصوبي خلاف جدوجهد ڪن. پ پ سنڌ جي صدر سياسي پارٽين تي تنقيد ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙ جماعتون ڇهن ڪئنالن خلاف ريليون ڇو ناهن ڪڍي رهيون ؟ پيپلز پارٽي سڀني سياسي جماعتن، قومپرست پارٽين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان رابطو ڪري گڏيل جدوجهد جي حڪمت عملي ٺاهيندي.هن وڌيڪ چيو ته چولستان ڪئنال وارو منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪو سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته جيئن ماضي ۾ مسلم ليگ (ن) کي ڪالا باغ ڊيم کان هٿ کڻڻو پيو، تيئن ئي 6 ڪئنالن واري منصوبي تان به هٿ کڻڻو پوندو. نثار کهڙو چيو ته آصف زرداري وفاقي حڪومت جي هن رٿا کي هڪ طرفو قرار ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو ته صدر ان معاملي ۾ ملوث نه آهي، چولستان ڪينال سميت 6 ڪئنالن جو منصوبو ڪنهن به آئيني فورم سميت ايڪنڪ کان منظور نه ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ 6 ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو آهي. پيپلز پارٽي تي الزام لڳائي قومي حڪومت ٺاهڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته جيئن جمهوري حڪومت کي ختم ڪيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته فواد چوڌري قومي حڪومت ٺاهڻ جو اشارو ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته پرويز مشرف ايگزيڪٽيو آرڊر ذريعي گريٽر ٿل ڪئنال ٺهرايو هو، جنهن جي پيپلز پارٽي سميت سمورين جماعتن مخالفت ڪئي هئي. هاڻي آمريت جو دور ناهي، عوام پنهنجا حق ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر قيدين جون 180 ڏينهن جون سزائون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے