اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي اٿارٽي جي قيام بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته موسمياتي تبديلي هڪ سنگين مسئلو آهي حڪومت کي چيتي جي رفتار سان اڳتي وڌڻ گهرجي پر اها ڪڇونءَ وانگر هلي رهي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس مندوخيل چيو ته موسمياتي تبديلي تيزيءَ سان اثرانداز ٿي رهي آهي، پر حڪومت جي سست رفتاري حيران ڪندڙ آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته چيئرمين جي مقرري لاءِ ٽيون ڀيرو اشتهار ڏنو ويو، جنهن تي جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته اڳين ٻن اشتهارن جو ڪو به نتيجو ڇو نه نڪتو؟ايڊيشنل اٽارني جنرل وضاحت ڪندي ٻڌايو ته پهرين نمبر تي ايندڙ اميدوار ٻٽي شهريت رکندڙ هو، جڏهن ته حڪومتي پاليسي موجب اعلى عهدن تي اهڙن ماڻهن کي مقرر نه ڪيو ويندو. جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اوهان کي بهترين شخصيت ڳولڻي آهي ته ڪجهه ڪمپرومائز ڪرڻو پوندو. جسٽس امين الدين نشاندهي ڪئي ته خيبرپختونخوا مان فيصل امين کي موسمياتي تبديلي اٿارٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، جيڪو وڏي وزير جو ڀاءُ آهي، جڏهن ته بلوچستان مان يونيورسٽي جو وائس چانسلر ميمبر بڻايو ويو آهي. جسٽس مندوخيل چيو ته بلوچستان جو ميمبر جنهن کي مان سڃاڻان ٿو، کيس هن شعبي جي ڪا به مهارت ناهي، پنجاب ۽ سنڌ مان ڪامورن کي نامزد ڪيو ويو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته صوبن سان رابطو ڪيو ويندو ته ٽيڪنوڪريٽس کي نامزد ڪيو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا موسمياتي تبديلي اٿارٽي جا قاعدا ٺهي ويا آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته قاعدن جو مسودو تيار آهي ۽ قانون واري وزارت کي موڪليو ويندو. جسٽس مندوخيل حيرانگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته 2017ع ۾ قانون ٺاهيو ويو، پر اڃا تائين نه چيئرمين مقرر ٿيو نه قاعدا ٺهيا. سڌ سماءُ واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ڀيري 752 درخواستون آيون هيون، جن مان ٽن نالن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو انهن مان باقي ٻن نالن تي غور ڇو نه ڪيو ويو، پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهو درخواستون ڏيندا آهن. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نج پاڪستاني ماهر ڳولڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي، 2017ع کان وٺي موسمياتي تبديلي اٿارٽي غيرفعال آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
