اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 180 ڏينهن جي خاص ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جمعي تي صدر آصف علي زرداري سزائون ۾ گهٽتائي جي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني، 65سال کان وڌيڪ عمر جا مرد ۽ 60 سال کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي سزائون ۾ گهٽتائي لاڳو ٿيندي، ٻارڙن سان جيل ۾ موجود عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو ٿيندي، 18 سالن گهٽ عمر ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي لاڳو ٿيندي، سزا ۾گهٽتائي قتل، جاسوسي رياست مخالف سرگرمين ۾ قيدين تي لاڳو نه ٿيندي، جڏهن ته سزائن ۾ گهٽتائي، زنا، چوري ڦر اغوا دهشتگردي ۾ سزا يا فته جوابدارن جو به لاڳو نه ٿيندي، اهڙي طرح سزا ۾گهٽتائي مالي ڏوهن، قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ پرڏيهي ماڻهو ايڪٽ 1946 ۽ منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 2022ع تحت سز يا فته ماڻهن تي به لاڳو نه ٿيندي.
