بريڪنگ نيوز

ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ پاڻي جو ذميواري سان استعمال ڪرڻو پوندو: مريم نواز

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پاڻي قدرت جي انمول نعمت آهي، جنهن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. مريم نواز چيو ته پاڻ سڳورن صه جن پاڻي ضايع ڪرڻ کان منع فرمايو ۽ انهن ئي تعليمن تي عمل ڪندي اسان کي پاڻي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڻي جو زيان روڪڻ لاءِ شعور پيدا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن آبي ذخيرن جي تحفظ لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسل سخت کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڻي زندگي جي علامت ۽ ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت به آهي، ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ اسان کي پاڻي ذميواري سان استعمال ڪرڻو پوندو، وقت اچي ويو آهي ته اسان ان مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪيون ۽ عملي قدم کڻون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۾ 11 ڏينهن باقي، لکين افغاني ملڪ ڇڏي ويا

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ رهندڙ  غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۾ اڃان 11 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے