اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ مهيني پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي ته رپئي جي قيمت ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته پهرين آڪٽوبر کان ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول 11 رپيا 98 پئسا في ليٽر سستو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل 9 رپيا 17 پئسا في ليٽر سستو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا 58 پئسا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد( مانيٽربنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل …