لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف ضمانت وٺي ايندو ۽ عدالت جي سامهون پيش ٿيندو، سموري قوم نوازشريف جي آجيان لاءِ تيار آهي. جڏهن ته عمران خان پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته مسلم ليگ(ن) 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جي آجيان لاءِ پوري طرح تيار آهي. سموري قوم ميان نوازشريف جي آجيان لاءِ اوسيئڙي ۾ آهي. نوازشريف ضمانت وٺي ايندو ۽ عدالت جي سامهون پيش ٿيندو. پيپلز پارٽي جيڪڏهن اسان جي خلاف بيان بازي نه ڪندي ته ووٽرن کي ڪيئن پنهنجي طرف ڪندي؟هن چيو ته پوري دنيا هڪ طرف بيٺل هئي ڪوبه مسلمان ملڪ ايٽمي طاقت نٿي بڻجي سگهيو پر ميان نوازشريف ايٽمي ڌماڪا ڪري قوم کي عزت ڏني. جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجو ته پوري مسلم دنيا ۾ جشن ملهايو ويو. 2013 ۾ ملڪ دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ شروع ٿيو. هر روز ڪيترن ئي شهيدن جا لاش کڻڻا پوندا هئا. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته قوم نوازشريف تي ڀروسو ڪري مينڊيٽ ڏنو، ايندڙ چئن سالن ۾ پاڪستان خوشحالي ۽ ترقي جي ٽريڪ تي اچي ويو، نئين پاڪستان جو تجربو نه ڪيو وڃي ها ته سي پيڪ مڪمل ٿي وڃي ها، 2017 ۾ ئي پاڪستان جي 20 ملڪن جي لسٽ ۾ اچي وڃي ها. هن چيو ته بابا رحمتي جي فيصلي سبب پاڪستان بحران جي ڪيفيت ۾ آهي، اسان ڊيفالٽ جو شڪار ٿي وڃون ها جيڪڏهن فتني جي حڪومت کي پارليامينٽ مان ووٽ ذريعي نه ڪڍيو وڃي ها. نوازشريف قوم کي اميد ڏيڻ لاءِ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي. پوري پاڪستان جا ماڻهو 21 آڪٽوبر تي لاهور پهچندا. نوازشريف جو خطاب جلسي گاهه مان لائيو هلايو ويندو. خطاب دوران نوازشريف پنهنجي بيان ۽ پاليسي تي خيالن جو اظهار ڪندو جڏهن ته مسلم ليگ(ن) پنهنجو منشور به ڏيندي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بنائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته اهو پنهنجن ڪرتوتن سبب جيل ۾ آهي. اسان ڪنهن جي مٿان ڪيس داخل نه ڪيو آهي. 9 مئي تي پاڪستان جي دفاع تي حملو ڪيو ويو. هن اهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي معافي نٿي ملي سگهي. باقي جنهن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي انهن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ جي خواهش نٿا رکي سگهون. مان سمجهان ٿو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملث ماڻهن کي ڪابه رعايت نه ملڻ گهرجي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد( مانيٽربنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل …