بريڪنگ نيوز
APP48-031023 ISLAMABAD: October 03 – Caretaker Federal Minister for Interior, Sarfraz Ahmed Bugti addressing a Press Conference. APP/MAF/ABB/FHA

اسان وٽ صلاحيت موجود آهي غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگهون ٿا: سرفراز بگٽي

اسلام آباد: (م ڊ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنوري کان هينئر تائين 24 خودڪش حملا ڪيا ويا جن مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث هئا. افغانستان جي زمين تان اسان جي مٿان حملا ڪيا وڃن ٿا جنهن جا ثبوت اسان افغان اختيارين جي آڏو رکندا آهيون. افغانستان ۾ شيخ بيت الله جي فتويٰ تي عمل ٿيڻ گهرجي. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ايپيڪس ڪميٽي جو  اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان جي لاءِ سڀني کان اهم پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم آهي. هن ٻڌايو ته غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي  پهرين نومبر تائين پنهنجي ملڪ واپسي جي هدايت ڪئي وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذريعي پهرين نومبر کان انهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو. ان کان پوءِ ڪوبه پاسپورٽ تي ويزا وٺي پاڪستان اچي سگهندو. گهرو وزير چيو ته ويب پورٽل ذريعي غيرقانوني پناهگيرن، غيرقانوني ملڪيتن جي حوالي سان اطلاع ڏئي سگهبي جنهن تي انعام به ڏنو ويندو. منشيات جي خلاف سخت کان سخت قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪيو ويو آهي. وڌيڪ سخت آپريشن ڪيا ويندا. سرفراز بگٽي چيو ته ڪنهن  کي به ڪنهن به نالي تي وائلنٽس جي اجازت نه هوندي. اهڙي وائلنٽس جنهن ۾ ڪوبه پنهنجو ايجنڊا بندوق جي زور تي مڙهڻ چاهيندو ان تي رياستي ادارا حرڪت ۾ ايندا. اسلام جي نالي تي رياست تي حملو ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسلامي تعليمات جي خلاف ڪنهن کي  به اقليتن خلاف جٿا ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي. انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اقليتن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جنوري کان  هينئر تائين 24 آپگهاتي حملا ٿيا آهن جن مان 14 حملن ۾ افغاني ملوث هئا. اسان سمورا معاملا پرڏيهي آفيس جي ذريعي افغان اختيارين جي سامهون رکندا آهيون. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجن ادارن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون. نادرا هڪ قومي سيڪيورٽي کاتو آهي جنهن جو ڊيٽا تمام اهم آهي ان ڳالهه کي آڏو رکندي نادرا چيئرمين جي مقرري ڪئي وئي آهي. چيئرمين نادرا جو ڊيجيٽل ورڪ ۾ تمام گهڻو ڪردار آهي اهو نادرا جي معاملن کي صحيح ڪندو. هن چيو ته غيرقانوني پناهگيرن وٽ ڪي به دستاويزات نه آهن  پاڪستان ۾ 44 لک افغاني آهن جن مان صرف 17 لک 30 هزار قانوني طور تي ترسيل آهن. اسان وٽ صلاحيت موجود آهي غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سگهون ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

24 نومبر جي احتجاج تي اعتراض ناهي، تشدد ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ هوندي: خورشيد شاهه

سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے