بريڪنگ نيوز

نگران ناڻي واري وزير جي ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات،معيشت بابت ڳالهيون

مراڪش (ويب ڊيسڪ)نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر مراکش ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي.ان حوالي سان ناڻي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڊي آءِ ايم ايف جي اجلاس ۾ شمشاد اختر ۽ مختلف ملڪن جي ناڻي واري وزيرن شرڪت ڪئي.بيان موجب ملاقات ۾ عالمي معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بيان موجب نگران ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.ان کان علاوه شمشاد اختر مراکش ۾ عالمي ريٽنگ ايجنسين موڊيز ۽ سينڊر اينڊ پورز جي وفدن سان به ملاقاتون ڪيون آهن.ان دوران ناڻي واري وزير مثبت ريٽنگ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ شفافيت جي عزم کي ورجايو ۽ معاشي استحڪام، مالياتي گورننس ۾ بهتري ۽ سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر قيدين جون 180 ڏينهن جون سزائون گهٽائي ڇڏيون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  صدر آصف علي زرداري يوم پاڪستان ۽ عيدالفطر جي موقعي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے