اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ”جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪندس“ جو بيان قيدي جي فرسٽريشن ۽ گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، ثابت ٿيو ته 24 نومبر تي انتشار جي ڪال جو مقصد ”ڊيل“ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. باني پي ٽي آءِ جي جيل مان بيان تي تبصرو ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو چوندو هو ته ڊيل نه ڪندس، هاڻي ”ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو“ جون صدائون هڻي رهيو آهي ۽ وفاق تي لشڪرڪشيءَ ڪرڻ تي بضد آهي. توهان سان ڊيل رڳو ”قانون“ ڪندو جنهن جا توهان ڏوهاري آهيون.
هي به ڏسي سگهو ٿا
24 نومبر جي احتجاج تي اعتراض ناهي، تشدد ٿيو ته ذميواري پي ٽي آءِ هوندي: خورشيد شاهه
سکر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه …