بريڪنگ نيوز

منهنجون وڊيو جهنگ واسي هڪ شخص وائرل ڪيون: مٿيرا

ڪراچي (شوبز) پاڪستاني اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا پنهنجي اڻ وڻندڙ وڊيوز بابت نئون انڪشاف ڪيو آهي.ويجهڙ ۾ مٿيرا هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شوبز ۽ ذاتي زندگيءَ سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.مٿيرا کان ميزبان اڻ وڻندڙ وڊيوز جي ليڪ ٿيڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي اداڪارا جواب ڏيندي ٻڌايو ته سندس وڊيوز ڪنهن ٺاهيون ۽ ڪيئن ليڪ ٿيون.مٿيرا جو چوڻ هو ته اها 2021ع جي ڳالهه آهي جڏهن ته سندس اڻ وڻندڙ وڊيوز منظرِعام تي آيون.هن انڪشاف ڪيو ته وڊيوز جهنگ شهر سان واسطو رکندڙ هڪ همراهه ايڊٽ ڪيون ۽ في وڊيو 2 هزار رپين ۾ وڪرو ڪندو رهيو، جيڪي وائرل ٿي ويون.مٿيرا موجب، جڏهن سوشل ميڊيا پيجز وائرل وڊيوز تي خبرون شيئر ڪيو، جنهن تي ادارن سان جهيڙو ڪيو ته ڪنهن جون ذاتي وڊيوز يا تصويرون خبر ناهن هونديون.اداڪارا ٻڌايو ته هن فوري ايڪشن کڻندي سائبر ڪرائيم سان رابطو رابطو ڪيو جنهن بعد جهنگ جي ڄاڻايل همراهه جا تفصيل سامهون آيا ۽ سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.مٿيرا جو چوڻ هو ته اِهو همراهه ٻين ڇوڪرين جو اڻ وڻندڙ وڊيوز به وڪرو ڪندو هو، خبر ناهي ته وڊيوز اصلي هيون يا جعلي پر ڇوڪرين لاءِ اهو وقت انتهائي مشڪل هوندو آهي.سندس چوڻ هو ته کيس ان واقعي مان نڪرڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳو ڇاڪاڻ ته سندس بيڪ گرائونڊ مضبوط آهي، گهروارا ۽ دوست کيس سپورٽ ڪندا آهن.

 

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے