بريڪنگ نيوز

انساني آبادي ۽ زرعي نقصان کان بچڻ گهرجي: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي ضلعي ۾ واهه ۾ شگاف جو نوٽيس ورتو،اهو گهارو ڪيئن لڳو؟ سنڌ جي وڏي وزير جي ھدايتن تي گهاري  فوري طور بند ڪيو وڃي،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته انساني آبادي ۽ زرعي نقصان کان بچڻ گهرجي،سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو وڏي وزير کي گهاري بابت رپورٽ  پيش ڪئي،سيڪريٽري آبپاشي ٻڌايو ته مسو واهه آر ڊي نمبر 131 کان پري بمبلي مائنر ۾ صبح سوير گهارو لڳو،پائلينڊ ۾ پاڻي وهڻ سبب پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هن وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته فصلن يا آبادگارن کي ڪو به وڏو نقصان نه پهتو آهي،گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ سامان ۽ ليبر کي متحرڪ ڪيو ويو آهي،آبپاشي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ گهارو بند ٿي ويندو

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے