راولپنڊي: (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج قوم جي پرعزم حمايت سان گڏ سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير نارو وال ۽ سيالڪوٽ ۾ فيلڊ ٽريننگ مشقن جو معائنو ڪيو جتي آرمي چيف جي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا ۽ انسپيڪٽر جنرل آف ٽريننگ اينڊ ايويليوليشن ان جو استقبال ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مشقن جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته مشقن جو مقصد اڀرندڙ آپريشنل چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پيشوارانه مهارتون ۽ جنگ جي ميدان جو طريقيڪار ٻڌائڻو هو.آءِ ايس پي آر موجب آرمر، انفنٽري، ميڪنائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس، آرمي ايوي ايشن، اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل يونٽس مروط فائر ۽ مينيوو آپريشن ڪيا. جڏهن ته برقي جنگي صلاحيتن ۽ معلوماتي آپريشنز جي موثر استعمال جو به مظاهرو ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب انهن آپريشنز کي دشمن جي مواصلات ۾ رنڊڪ وجهڻ، جديد ميدان جنگ جي ماحول ۾ غلط ڄاڻ جي حڪمت عملي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته آرمي چيف ڏينهن جو وقت فوجين سان فيلڊ ۾ گذاريو ۽ فوجي جوانن جي تربيتي معيار، آپريشنل تياري ۽ سندن بلند حوصلي جي تعريف ڪئي.انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج، قوم جي پرعزم حمايت سان گڏ سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. انهي سان گڏ قومي حمايت سان ملڪ جي علاقائي سالميت ۽ خودمختاري جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …