ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ٽارگيٽ ۽ دشمني پاڪستان سان آهي، هر موقعي تي پي ٽي آءِ ملڪ، ادارن ۽ پارٽين کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اربين رپيا پرڏيهي لابيز کي ڏنا، پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عالمي سازش جو حصو آهي، تحريڪ انصاف لاشن جي سياست ڪري رهي آهي، علي امين گنڊاپور حڪومت بدران دهشتگردن خلاف هٿيار کڻي، تحريڪ انصاف جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون.ڪراچيءَ ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار اٽي، لٽي ۽ اجهي جي منشور تي عمل ڪري رهي آهي، چئلينجن باوجود سنڌ سرڪار عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز ڪرايا پيا وڃن.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اربين رپين جا منصوبا شهرين جي سفري سهولت بهتر بڻائڻ لاءِ شروع ڪيا، ڪراچي ۾ 2 ميگا پراجيڪٽ جاري آهن، ملير ايڪسپريس وي کي ايندڙ سال کوليو ويندو، ريڊ ۽ ييلو لائن بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ٽارگيٽ ۽ دشمني پاڪستان سان آهي، پي ٽي آءِ ڪوبه موقعو ناهي ڇڏيو جنهن ۾ پاڪستان کي بدنام نه ڪري، هر موقعي تي پي ٽي آءِ ملڪ، ادارن ۽ پارٽين کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اربين رپيا پرڏيهي لابيز کي ڏنا، پي ٽي آءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عالمي سازش جو حصو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ لاشن جو ڪوڙو موقف ٺاهيو آهي، پي ٽي آءِ لاشن جي سياست ڪري رهي آهي.سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته علي امين گنڊاپور اسيمبلي جي فلور تي چيو ته هو وڙهندا، علي امين گنڊاپور حڪومت بدران دهشتگردن خلاف هٿيار کڻي.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن گرفتار ناهي ٿيو، ڇو ته هتي پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪارڪن ناهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف جو نيٽ ورڪ دنيا ۾ پاڪستان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون.
هي به ڏسي سگهو ٿا
عوام کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو پروپيگنڊو ڪيو پيو وڃي: شرجيل
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊسمبر جو مهينو …