راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 84هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته سياسي ۽ مالي فائدن خاطر جعلي خبرون پکيڙيندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.آءِ ايس پي آر موجب فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل آف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سڀني فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي.ڪانفرنس ۾ آرمي چيف ملڪي سلامتي ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت جي اهميت تي زور ڏنو.شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوجي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيندي ملڪ جي حفاظت ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر موجب فورم طرفان چيو ويو اهو ضروري آهي ته حڪومت بي لغام غير اخلاقي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ زهر اوڳاڇڻ خلاف سخت قانون ٺاهي ۽ عملدرآمد ڪرائي، ضروري آهي ته حڪومت ڪوڙ ۽ معاشرتي ورهاست جو ٻج پوکڻ جي خاتمي لاءِ سخت قانون ٺاهي ۽ عملدرآمد ڪرائي.فورم چيو ته ذاتي مفادن لاءِ معصوم شهرين کي هڪٻئي خلاف بيهارڻ ۽ تشدد کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قطعي برداشت نه ڪيو ويندو.ڪانفرنس ۾ اسلام آباد جي اهم عمارتن جي حفاظت لاءِ فوج جي مقرري خلاف بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پروپيگنڊا جو مقصد عوام، هٿياربند فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ آهي، ٻاهرين عنصرن سان مدد سان اهڙيون ڪوششون ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون.فورم غير قانوني سرگرمين خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ حڪومتي ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ حڪومتي ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …