ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جو سڏ ڏئي فيض حميد ڪيس تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.سينيٽر فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس بهادر آباد ڪراچي پهچي ويو جتي هن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سياسي پارٽين وٽ وڃڻ قومي مقصد آهي، مصطفيٰ ڪمال ۽ منهنجي هڪ جهڙي فطرت آهي، پيار سان به ڪم ڪرائڻ ڄاڻون ٿا ۽ هٿ موڙي به، اسان کي سڀني جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻو پوندو، روز لاش ڪيرائڻ، ڌرڻا ۽ ناانصافي هاڻ پاڪستان برداشت نٿو ڪري سگهي، تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ کي مڃڻو پوندو ۽ انهي جو احترام ڪرڻو پوندو.هن چيو ته تحريڪ انصاف باني جي حياتي کي خطرو آهي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي غنڊه گردي نه هلندي، ايم ڪيو ايم جي قيادت فضل الرحمان سان ملاقات ڪندي، مولانا جي بل جي حوالي سان اسان گڏجي ڪو رستو ڪڍنداسين، مان اهو نه آهيان جيڪو اندر وڃي اسٽيبلشمينٽ جي پير پوي ۽ ٻاهر اچي گهٽ وڌ ڳالهائي.فيصل واوڊا چيو ته تحريڪ انصاف ۾ به سٺا ماڻهو موجود آهن، تحريڪ انصاف جيڪڏهن پنهنجو رويو صحيح ڪري ته بهتر ٿيندو. گهر واري ۽ ان جي پوئيواري ڪندڙن کان عمران خان جي جان بچائڻي آهي، اڄ جيڪڏهن ڪوبه مخلص ماڻهو عمران خان سان گڏ آهي اهي سندس ڀينرون آهن.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جو سڏ ڏنو آهي، 14 تاريخ فيض حميد جي پروسيڊنگ تي پريشر وجهڻ جي لاءِ مقرر ڪئي. پر اها پروسيڊنگ انهي کان پهريان شروع ٿي ويندي، اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به قسم جو سودو نه پئي ڪري، حڪومت وٽ ويندس ته اها فيملي ڪارپوريشن جيان حڪومت نه هلائي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
ڪوشش ھوندي تھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اي وي بسز ھلايون: شرجيل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيلز بس سروس …